Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ
پڪڙي ويا آهن ڪٿي اهي ان کي تڪليف نه پهچائن، مهرباني ڪيو! منهنجي پٽ جي سفارش ڪيو پاڙيسري عورت جو فرياد ٻڌي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بيهي خشوع ۽ خضوع سان نماز ۾ مشغول ٿي ويا. جڏهن ڪافي دير ٿي وئي ته ان عورت چيو: اي ابوالحسن! جلدي ڪيو! ڪٿي ائين نه ٿئي جو حاڪم منهنجي پٽ کي جيل ۾ وجهي ڇڏي! حضرت ابُوالحَسن سَرِي سَقَطِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نماز ۾ مشغول رهيا، پوءِ سلام ڦيرڻ کان بعد فرمايائون: ”اي الله پاڪ جي ٻانهي! مان تنهنجو مسئلو ئي ته حل ڪري رهيو آهيان.“ اڃان اها گفتگو هلي ئي رهي هئي ته ان پاڙي واريءَ جي خادمه ڊوڙندي آئي ۽ چوڻ لڳي: بيبي صاحبه! گهر هلو! اوهان جو پٽ گهر اچي ويو آهي.[1]
اي عاشقانِ رسول! هي آهي تَوَجُّہ اِلَی اللہ (يعني الله جي طرف توجھ ڪرڻ) جو مبارڪ انداز......! اسان جو حال ڇا آهي؟ اسان اوچتو ڪا غم جي خبر ٻڌي وٺون ته مٿي تي هٿ رکي ويهي رهندا آهيون، ڪا مشڪل اچي، پريشاني اچي وڃي ته هيڏانهن هوڏانهن ڀڄندا آهيون ۽ نه ڄاڻ ڪهڙن ڪهڙن خيالن ۾ گم ٿي ويندا آهيون، ڪجھ ته غم جي خبر ٻڌي ڪري دانهون ڪندا آهن، هٿ ۾ پڪڙيل گلاس يا ڪا ٻي شيءِ ڪاوڙ يا غم جي ڪيفيت ۾ زمين تي اڇلي ڀڃي ڇڏيندا آهن، شيون ابتيون سبتيون ڪري ڇڏيندا هوندا، الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جو انداز ڏسو ته ڪهڙو پيارو هوندو آهي! انهن کي مشڪل اچي، پريشاني اچي ته الله پاڪ جي حضور حاضر ٿي ويندا آهن، انهيءَ جي بارگاھ ۾ دعا ڪندا آهن، انهيءَ سان فرياد ڪندا آهن، اهوئي فرياد ٻڌڻ وارو آهي، اهو ئي پنهنجي ٻانهن تي رحم و ڪرم فرمائڻ وارو آهي، الله پاڪ ئي جي طرف توجھ ڪرڻ سان مشڪلاتون دور ٿينديون آهن.