تَوَجُّہ اِلَی اللہ

Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ

هڪ ضروري پريڪٽيڪل

دنيا ۾ تمام وڏا ٽيسٽ ٿيندا آهن.اچو! ڪجھ گهڙين جي لاءِ اسان پنهنجي هڪ ٽيسٽ ڪيون ٿا: اسان مان هرهڪ پنهنجي دل ۾ ٿورو غور ڪري ته جڏهن اسان تي ڪا پريشاني ايندي آهي ته اسان جي دل ۾ سڀني کان پهريون سوال ڪهڙو ايندو آهي؟ عام طور حالات هي ئي هوندا آهن ته جيڪڏهن بيماري اچي ته اسان جي دل ۾ سڀ کان پهريون خيال ڊاڪٽر جو ايندو آهي، جيڪڏهن قانوني مسئلو بڻجي وڃي ته پهريون خيال وڪيل جو ايندو آهي، جيڪڏهن پيسن جي ضرورت پئجي وڃي ته پهريون خيال پنهنجي ڀائرن، دوستن، عزيزن جو ايندو آهي. هر هڪ پنهنجي دل کان پڇي ڇا ايئن ناهي؟ شايد اسان مان ڪيئي ماڻهن کي جواب ها ۾ ملندو ته هائو! ايئن ئي آهي، مشڪل ۽ پريشاني جي وقت اسان جي دل ۾ پهريون خيال دنيا جي ظاهري اسباب جو ايندو آهي. هي به جيتوڻيڪ گناھ ناهي، باقي هڪ مسلمان جي شان هي آهي ته ان کي پريشاني اچي، مشڪل اچي، بيمار ٿي، ڪو مسئلو بڻجي وڃي يا خوشي ملي، هر حال ۾ ان کي سڀ کان پهريون خيال پنهنجي رب جو اچڻ گهرجي، سڀني سببن جي اهميت پنهنجي جڳھ. بيمار ٿيون ته دوا به وٺڻي آهي، مشڪل اچي ته ڀائرن، دوستن وغيره کان مدد گهرڻ به پنهنجي جڳھ تي درست آهي پر هي سڀ ٻي درجي جون شيون آهن، هڪ مسلمان جي پنهنجي ربّ ڪريم سان اهڙي لو لڳل هجڻ گهرجي جو ڪجھ به ٿي، ڪهڙي به حالت هجي، ان جي دل ۾ پهريون خيال الله پاڪ جو اچي.

اخلاقِ مصطفي ڏسي ڪافر مسلمان ٿي ويو.

3 هجري غزوه غطفان جو موقعو هيو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم کي ساڻ وٺي سفر تي روانه ٿيا، هڪ مقام