تَوَجُّہ اِلَی اللہ

Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ

کي دعا گهرڻ به ناهي ايندي، دعا جي آداب مان آهي ته دل ۾ غم جي ڪيفيت پيدا ڪري دعا گهري وڃي، هڪ اصطلاح آهي: اِبتهال يعني گڙگڙائي ڪري دعا گهرڻ، هٿن کي بلند ڪرڻ ۽ پوري توجھ سان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪرڻ.[1]

هي اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري پياري سنت آهي. انهي ڪري الله پاڪ جي درٻار ۾ روئي، پوري توجھ سان دعا گهرڻ جي عادت بڻايو! ايئن دعا گهرندا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم ! برڪتون نصيب ٿينديون.

میں ہوں بندہ تُو ہے مولیٰ                                             تُو ہے قادِر، میں ناکارہ

میں منگتا تُو دینے والا                                                   یااللہ! مری جھولی بھر دے

بخش دے میری ساری خطائیں                                  کھول دے مجھ پر اپنی عطائیں

برسا دے رحمت کی برکھا                                             یااللہ! مری جھولی بھر دے([2])

انبياءِ ڪرام عَلَيهم السَّلَام جون مبارڪ ادائون

قرآنِ ڪريم ۾ هڪ سورت آهي: سُورت انبياء. هن مبارڪ سورت ۾ ڪيئي انبياءِ ڪرام عَلَيهم السَّلَام جو تذڪرو آهي، هن ۾ خاص طور تي انبياءِ ڪرام عَلَيهم السَّلَام جو هي مبارڪ وصف بيان ٿيو آهي ته الله پاڪ جا پيارا نبي، الله پاڪ جي حضور دعائون ڪندا هئا، ڪا مشڪل هوندي هئي، ڪا پريشاني هوندي هئي، انهن جي توجھ جو مرڪز الله پاڪ جي ذات هوندي هئي، هي الله پاڪ کي پڪاريندا، رب جي حضور دعائون ڪندا هئا.

حضرت نوح عَلَيه السَّلَام تقريباً 950 سال پنهنجي قوم کي نيڪي جي دعوت ڏني پر انهن بدبخت ڪافرن ايمان نه آندو، هي بدبخت پاڻ عَلَيه السَّلَام کي معاذالله! تڪليف ڏيندا، جسماني تشدد به ڪندا هئا، آخرڪار حضرت نوح عَلَيه السَّلَام الله ڪريم جي


 

 



[1] نضرۃ النعیم ،جلد: 2، صفحہ:2۔

[2]...وسائل بخشش،صفحہ:122- 123 ملتقطاً ۔