تَوَجُّہ اِلَی اللہ

Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ

هي الله ڪريم کي پڪاريندا هئا، ان جي طرف متوجھ ٿيندا هئا، انهيءَ جي حضور عرض ڪندا هئا ۽ ڪهڙي انداز ۾ دعا گهرندا هئا؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ یَدۡعُوۡنَنَا رَغَبًا وَّ رَہَبًا ؕ  وَ کَانُوۡا لَنَا خٰشِعِیۡنَ (۹۰)  (پارہ:17، سورۂ اَنْبِیَاء:90)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ اسان کي وڏي اميد ۽ وڏي خوف سان پڪاريندا هئا ۽ اسان جي درٻار ۾ دل سان جهڪڻ وارا هئا.

 هيءَ آهي اها بنيادي ڳالھ، جنهن جي اسان جي معاشري ۾ ڪمي آهي، اسان توجھ الي الله کان محروم آهيون، اسان الله پاڪ کي ناهيون پڪاريندا، ان جي حضور ۾ صحيح انداز سان دعا ناهيون ڪندا. هي انبياءِ ڪرام عَلَيهم السَّلَام جي سنت آهي ته هُو دعا ڪندا هئا، ڪيئن ڪندا هئا: الله پاڪ جي خفيه تدبير کان ڊڄندي، ان جي رحمت تي ڀروسو ڪندي، پوري رغبت سان، عاجزي ڪندي. ڪاش! اسان کي به هن انداز ۾ دعائون گهرڻ، پنهنجي الله پاڪ جي حضور گڙگڙائڻ جي توفيق نصيب ٿي وڃي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

اسان وٽ سبب محدود آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! اسان انسان آهيون ۽ بظاهر اسان وٽ زندگي گذارڻ ۽ پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ ڪيئي اسباب آهن پر هي به حقيقت آهي ته اسان جا اسباب تمام محدود آهن، ڪيئي دفعا زندگي ۾ اهڙا موقعا ايندا آهن جو اسان جون تمام اميدون ختم ٿي وينديون آهن، اسان جي لاءِ سڀئي دروازا بند ٿي ويندا آهن، ڪيئي دفعا ٿوري پيسن جي حاجت پيش اچي ته ڪڏهن ڪڏهن مايوسي ٿي ويندي آهي، ٻانهو ڀاءُ سان اميد لڳائيندو آهي، پر ڀاءُ