Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ
تي ترسيا، صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم ڪجھ فاصلي تي رڪيا ۽ پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اڪيلي هڪ وڻ جي هيٺان تشريف فرما ٿيا، ڪافر جيڪي هر وقت محبوبِ خدا، سردار انبياء صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي نقصان رسائڻ جا ناپاڪ منصوبا بڻائيندا رهندا هئا، انهن مان هڪ ڪافر اچانڪ ڪٿان ظاهر ٿيو، تلوار هٿ ۾ هئي، بجلي جيان تلوار لهرائيندي پياري آقا، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قريب پهتو ۽ غرور ۽ تڪبر سان چوڻ لڳو: محمد صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ٻڌايو! هاڻي اوهان کي مون سان ڪير بچائيندو؟ محبوب، رحمن سلطان دوجهان صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ نهايت اطمينان سان فرمايو: الله (يعني مون کي الله پاڪ بچائيندو).
بس ايترو چوڻو هيو، اڳئين ئي لمحي ۾ اهو ڪافر هيٺ ڪِريل هو، تلوار رحمت واري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ هٿ ۾ هئي، هاڻي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: هاڻي توکي مون سان ڪير بچائيندو؟ اهو ڪافر هيو، ان مايوس ٿيندي چيو: مونکي بچائڻ وارو ڪوبه ناهي. رحمت عالم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي بي وسي تي رحم کائيندي ان کي معاف ڪري ڇڏيو، ان ڪافر جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اهڙو اعليٰ اخلاق ڏٺو ته متاثر ٿي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! اسان جا پيارا نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اڪيلا هيا، اوچتو ڪافر حملو ڪيو، ان جي هٿ ۾ تلوار هئي، ان لمحي ۾ پياري آقا رسول خدا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڇا فرمايو؟ مون کي الله پاڪ بچائيندو.
اهو آهي اسان جي پياري آقا رسول خدا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پيارو پيارو انداز...! اڄڪلھ اسان جي معاشري مان هي انداز ختم ٿيندو پيو وڃي، اسان ٿورو ماضي جي طرف غور ڪيون، وڌيڪ نه 50 يا 60 سال پوئتي وڃون، گهرن ۾