Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ
هو، بادشاهه سلامت رڪجي ويو، بادشاهه جي ادب ۾ غلامن به سواريون روڪي ورتيون پر اهو غلام جيڪو بادشاهه جو منظورِ نظر هو، ان پنهنجي سواري نه بيهاري، سڀئي حيران هئا ته هن کي ڇا ٿيو؟ هي ڪاڏي پيو وڃي؟ ڪجهه ئي دير ۾ اهو غلام واپس پهتو ان جي هٿ ۾ انهيءَ پهاڙ جي ڪجهه برف هئي. بادشاهه سلامت غصي مان پڇيو: تون ڪاڏي ويو هئين؟ هي برف ڇو آندي اٿئي؟ غلام عرض ڪيو: بادشاهه سلامت اوهان هن پهاڙ کي غور سان ڏٺو هو ۽ مان ڄاڻان ٿو ته اوهان بغير ڪنهن سبب جي ڪنهن به شيءِ کي غور سان ناهيو ڏسندا، تنهنڪري مان سمجهي ويس ته اوهان برف حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا: سو بادشاهه ٻين غلامن کي مخاطب ڪندي چيو: هن ۾ ۽ توهان ۾ اهو فرق آهي، توهان جي توجهه ڪمن ڏانهن هوندي آهي پر هن جي توجهه جو مرڪز مان آهيان، هي هر شيءِ کي ڇڏي مون ڏانهن متوجهه رهندو آهي.[1]
اي عاشقانِ رسول! اها حقيقي بندگي آهي. اسان جو حال تمام مختلف آهي، اسان کي خوشي ملي ته اسان خوشيءَ جا ٿي ڪري رهجي ويندا آهيون، غم اچي ته غم ۾ گهايل ٿي ويندا آهيون، نه خوشيءَ ۾ الله پاڪ جي ياد ايندي آهي، نه غم جي وقت صحيح معنٰي ۾ الله پاڪ جي ياد دل ۾ ويهندي آهي. خوشي ملي ته گناهن جو بازار گرم ٿيندو آهي ۽ ڪو غم اچي وڃي ته ماڻهو شڪوٰي شڪايت ۾ مصرووف ٿي ويندا آهن بلڪ ڪجهه نادان ته هن حالت ۾ معاذالله! ڪفريه جملا به بڪندا آهن. الله پاڪ اسان کي حقيقي بندگي نصيب فرمائي. ڪاش! اسان جي توجهه هرحال ۾ الله پاڪ ڏانهن رهي، خوشي ملي ته ان جو شڪريو ادا ڪيون، غم اچي وڃي ته صبر ڪيون، ان جي حضور سجدو