تَوَجُّہ اِلَی اللہ

Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ

تفسيرصراط الجنان ۾ آهي: يعني ڪافر کي جڏهن تڪليف پهچندي آهي ته اهو ليٽندي، ويهندي، بيهندي هرحال ۾ اسان کان دعا ڪندو آهي ۽ جيستائين ان جي تڪليف ويندي نه رهي دعا ۾ مشغول رهندو آهي، پوءِ جڏهن اسان ان جي تڪليف دور ڪري ڇڏيندا آهيون ته اهو اسان کان منهن موڙي ڪري پنهنجي پهرين طريقي تي هلندو آهي ۽ اها ئي ڪفر جي راهه اختيار ڪندو آهي ۽ تڪليف جي وقت کي وساري ويهندو آهي ڄڻ ته ڪڏهن ڪنهن تڪليف جي پهچڻ تي ان اسان کي پڪاريو ئي نه هيو.

هن آيت مان خبر پئي ته انسان مصيبت جي وقت ڏاڍو بي صبرو آهي ۽ سڪون جي وقت نهايت ناشڪرو جڏهن تڪليف پهچندي آهي ته بيهندي ليٽندي، هرحال ۾ دعا ڪندو آهي ۽ جڏهن الله پاڪ تڪليف دور ڪري ڇڏي ته شڪر ناهي ڪندو ۽ پنهنجي پهرين حالت ڏانهن موٽي ويندو آهي. اهو حال غافل جو آهي. عقلمند مومن جو حال ان جي خلاف آهي اهو مصيبت ۽ تڪليف تي صبر ڪندو آهي راحت ۽ سڪون ۾ شڪر ڪندو آهي، تڪليف ۽ سڪون جي مڪمل حالت ۾ الله پاڪ جي حضور گريه و زاري ۽ دعا ڪندو آهي.[1] 

 معلوم ٿيو جيڪو عقلمند مومن آهي، اهو ڪڏهن ڪنهن حال ۾ پنهنجي رب ڪريم سان غافل ناهي ٿيندو، ان جي توجهه هر وقت پنهنجي پياري الله پاڪ جي طرف هوندي آهي، جڏهن ان کي نعمت ملي ته پنهنجي رب جو شڪر ڪندي ان جي بارگاهه ۾ جهڪندو آهي ۽ جڏهن مصيبت پهچندي آهي ته پنهنجي پياري الله پاڪ جي بارگاهه ۾ توبهه ڪندو آهي، استغفار ڪندو آهي، دعائون گهرندو آهي، ائين هروقت ان جي توجهه جو مرڪز رڳو هڪ ئي هوندو آهي، اهو هر وقت پنهنجي پياري الله پاڪ جي طرف ئي متوجهه رهندو آهي.


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان، پارہ:11، سورۂ یونس، تحت الآیۃ:12، جلد:4، صفحہ:293۔