Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday
اي عاشقانِ رسول! نماز نهايت بابرڪت عبادت آهي، نماز جي برڪت سان دنيا به سنورجندي آهي، آخرت به سنورجي ويندي آهي. اچو! نماز جا فضائل ۽ فائده ٻڌون ٿا.
زمين مان دينار ڪڍڻ وارو نمازي (حڪايت)
حضرت ابوبڪر بن فَضۡل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا ته مون پنهنجي هڪ رومي دوست کان جڏهن اصرار ڪري اسلام آڻڻ جو سبب پڇيو ته ان ٻڌايو: اسان جي ملڪ تي مسلمانن جي لشڪر حملو ڪيو، جنگ ٿي پئي، ڪجھ ماڻهو اسان جا قتل ٿيا ۽ ڪجھ مسلمانن جا. مون اڪيلي ڏھن مسلمانن کي قيدي بڻائي ورتو. ملڪِ رُوم ۾ منهنجو تمام وڏو گهر هو، مون انهن سڀني کي پنهنجي خادمن جي حوالي ڪري ڇڏيو. خادمن انهن کي زنجيرن ۾ ٻڌي خچرن تي سامان لڏڻ جي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو. هڪ ڏينهن مون انهن قيدين تي مقرر هڪ خادم کي ڏٺو ته اُن هڪ قيديءَ کان ڪجھ ورتو ۽ ان کي نماز پڙهڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنائين. مون ان خادم کي پڪڙي ماريو ۽ پڇيو: ٻڌاءِ! تون هن قيدي کان ڇا وٺندو آهين؟ تنهن تي ان ٻڌايو: هي هر نماز جي وقت مونکي هڪ دينار (يعني سونو سڪو) ڏيندو آهي. مون پڇا ڪئي: ڇا ان وٽ دينار آهن؟ ان ٻڌايو: نه، پر جڏهن اهو نماز کان فارغ ٿيندو آهي ته پنهنجو هٿ زمين تي هڻندو آهي ۽ اُن مان هڪ دينار ڪڍي مونکي ڏيندو آهي! (خادم جي اها ڳالھ ٻڌي) مونکي شوق ٿيو ته مان ان جي حقيقت ڄاڻان. جڏهن ٻيو ڏينهن ٿيو ته مان اُن خادم جو يونيفارم (لباس) پائي ان جي جڳھ تي بيهي رهيس. جڏهن ظهر جو وقت ٿيو ته اُن مونکي اشارو ڪيو ته مونکي نماز پڙهڻ ڏيو ته مان توکي هڪ دينار ڏيندس. مون چيو: مان ٻن دينارن کان گهٽ نه وٺندس. ان چيو: ٺيڪ آهي. مون ان کي زنجيزن مان آزاد ڪري ڇڏيو، ان نماز پڙهي. جڏهن فارغ ٿيو ته مون ڏٺو ته اُن پنهنجو هٿ زمين تي هنيو ۽ زمين مان ٻه دينار ڪڍي مونکي ڏنائين. جڏهن عصر جي نماز جو وقت ٿيو ته