Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مختلف طبي تحقيقات جي مطابق نماز ۾ ڪيئي جسماني مرضن جو علاج موجود آهي، مثال طور (1) نماز دل، معدي ۽ آنڊي وغيره جي مرضن کان شفا ڏيندي آهي. (2) نماز درد ۽ غم جو احساس وساري ڇڏيندي يا گهٽ ڪري ڇڏيندي آهي. (3) نماز ۾ بهترين ورزش آهي جو ان جي قيام ۾، رڪوع ۽ سجود وغيره ڪرڻ سان جسم جا اڪثر جوڙ حرڪت ڪندا آهن. (4) نزلي زڪام جي مريض جي لاءِ ڊگهو سجدو ڪرڻ نهايت فائديمند آهي. (5) سجدي ڪرڻ سان بند نڪ کلندو آهي. (6) آنڊن ۾ جمع ٿيڻ واري غير ضروري مواد کي حرڪت ڏئي ڪڍڻ ۾ سجدو ڪافي مددگار ثابت ٿيندو آهي (7) نماز سان ذهن صاف ٿيندو آهي ۽ غصي جي باھ وسامي ويندي آهي. (8) نماز رزق آڻيندي. (9) صحت جي حفاظت ڪندي. (10) اذيت (يعني تڪليف) دور ڪندي. (11) بيماري ڀڄائيندي. (12) دل جي قوت وڌائيندي. (13) خوشي جو سامان بڻجندي. (14) سستي دور ڪندي. (15) سينو کوليندي. (16) روح کي غذا ڏيندي. (17) دل روشن ڪندي. (18) چهرو چمڪائيندي. (19) برڪت آڻيندي. (20) خدا پاڪ جي ويجهو ڪندي. (21) شيطان کي پري ڀڄائيندي آهي.
ياد رهي فائدا انهيءَ صورت ۾ حاصل ٿي سگهن ٿا جڏهن نماز اطمينان سان درست طريقي سان پڙهي وڃي.
دور ہوں بیماریاں بے کاریاں ناکامیاں
دل میں داخل ہو مسرت، تم پڑھو دل سے نماز