Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday
ماڻهو جيڪي پورو رمضان روزا رکندا آهن، تلاوت ڪندا آهن، نماز پڙهندا آهن، پورو رمضان مهينو نيڪين ۾ گذاريندا آهن بلڪه جيڪي اعتڪاف جي سعادت ماڻيندا آهن، ڏٺو ويو آهي ته اهڙا ماڻهو به چنڊ رات گناھن جو شڪار ٿي ويندا آهن، هاءِ! عيد جو چنڊ نظر ايندي ئي گناھن جي بازار خوب گرم ٿي ويندي آهي، مسجدون ٻيهر خالي خالي ٿي وينديون آهن، نمازين جي تعداد ۾ ڪافي گهٽتائي اچي ويندي آهي، گهٽين بازارن ۾ گانن باجن جا آواز اچي رهيا هوندا آهن، بي پردگي، بدنگاهي ۽ خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا گناھ سرِعام ٿيڻ لڳندا آهن. هاءِ! افسوس...!! شيطان پورو مهينو قيد رهي ڪري آزادي ماڻيندو آهي ۽ هڪ ئي رات ۾ سڀ ڪَميون پوريون ڪري وٺندو آهي.
گناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی بُری عادتیں بھی چُھڑا یاالٰہی
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي پنهنجي حال تي رحم ڪرڻ گهرجي، گناھ ٿي وڃي ته ان کي ڇڏي ڪري نيڪي جي طرف موٽڻ ته سمجھ ۾ اچي ٿو پر نيڪ ڪمن کان گناھن جي طرف موٽڻ سمجھ نٿو اچي، ڇا توهان ڪڏهن اهڙو تاجر ڏٺو آهي جيڪو تمام گهڻو نفعو ڪمائڻ کان بعد ڄاڻي واڻي ڪري پنهنجو نقصان ڪندو هجي جو ڪافي نفعو ڪمايو آهي، لهٰذا ڪجھ ڏينهن نقصان کڻڻ گهرجي. نه...!! ائين ناهي ٿيندو بلڪه نفعي کي وڌيڪ وڌائڻ جون ڪوششون هونديون آهن، هڪ دڪان کان بعد ٻيو دڪان کولڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، دل چوندي آهي ته هڪ شهر ۾ ڪم هلي چڪو آهي، هاڻي ٻين شهرن ۾ به شاخون کوليون وڃن پر افسوس! رمضانُ المبارڪ جي ويندي ئي اسان نيڪين کان گناھن جي طرف مُوٽي ويندا آهيون.
الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. عنقريب اچڻ واري رات يعني عيدُ