Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday
علامت موجود هئي. مون پنهنجي خادمن کان جلدي پهچڻ جو سبب پڇيو ته انهن ٻڌايو ته جڏهن اسان ان سان گڏ هتان نڪتاسون ته اسان ڪنهن ٿڪاوٽ ۽ مشقت جي بنا هڪ لمحي ۾ اتي پهچي وياسون، پر واپسي تي اهو ئي سفر پنجن ڏينهن ۾ طئي ٿيو. انهن جي اها ڳالھ ٻڌندي ئي مون پڙهيو: اَشْھَدُ اَنْ لَّآ اِلٰہَ اِلَّا اللّٰھُ وَ اَشْھَدُ اَنَّ مُحَمَّدًا رَّسُوْلُ اللھِ وَ اَنَّ دِیْنَ الْاِسْلَامِ حَقٌّ (ترجمو: مان گواهي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ڪوبه معبود ناهي ۽ مان گواهي ڏيان ٿو ته يقيناً حضرت محمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) الله پاڪ جا رسول آهن ۽ بيشڪ دينِ اسلام حق آهي) پوءِ مان رُوم شهر مان نڪري مسلمانن جي شهر آيس. (حکایتیں اور نصیحتیں، ص، ۱۷۹) الله رَبُّ العزّت جي انهن تي رحمت هجي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي. اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
کیوں کر نہ میرے کام بنیں غیب سے حسن
بندہ بھی ہوں تو کیسے بڑے کار ساز کا
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اي خوش نصيب عاشقانِ نماز! نماز اسان گنهگارن جي لاءِ وڏي نعمت آهي. منهنجا آقا اعليٰ حضرت فرمائن ٿا: پنج وقت جون نمازون الله پاڪ جون نعمت عظميٰ آهي جو اُن پنهنجي ڪرمِ عظيم سان خاص اسان کي عطا فرمايون. اسان کان پهريان ڪنهن به امت کي عطا نه فرمايون. ياد رکو! هر مسلمان عاقل بالغ مرد ۽ عورت تي روزانو پنج وقت جي نماز فرض آهي. ان جي فرضيت (يعني فرض هئڻ) جو انڪار ڪرڻ ڪفر آهي. جيڪو ڄاڻي واڻي هڪ نماز ڇڏي ڏئي اهو فاسق، وڏو گنهگار ۽ عذابِ نار (باهه جي عذاب) جو حقدار آهي.