Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday

Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday

رَبُّ العِزّت جي انهن تي رحمت هجي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي۔

اٰمِيۡن   بِجَاهِ   النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن   صَلَّى  اللّٰهُ  عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

قیدیو! چاہو براءت، تم  پڑھو دل سے نماز

دور ہو جائے گی آفت،  تم پڑھو دل سے نماز

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اسان کي نماز سان سڪون پهچاءِ

اي عاشقانِ رسول! جڏهن ڪا مصيبت اچي يا بلا نازل ٿئي يا ڪوئي نازڪ معاملو پيش اچي ته جلدي ۾ نماز جو سهارو وٺڻ گهرجي، اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهم معاملو پيش اچڻ تي نماز ۾ مشغول ٿي ويندا هئا ڇوجو نماز تمام اذڪار ۽ دعا جي جامع (يعني پورو ڪرڻ واري) آهي، ان جي برڪت سان رنج ۽ غم دور ٿيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو مديني جا تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت سيدنا بلالرَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي فرمائيندا هئا: ”اي بلال! اسان کي نماز سان سڪون پهچاءِ“. (معجم الڪبير جلد6 ص277،حديث:621) (يعني اي بلال! آذان ڏي ته جيئن اسان نماز ۾ مشغول ٿيون ۽ اسان کي راحت ملي). حضرت سيدنا عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: جڏهن توهان آسمان مان ڪو (گوڙ وغيره جو ڊيڄاريندڙ) آواز ٻڌو ته نماز جي طرف متوجھ ٿي ويندا ڪريو. (شرحُ البخاري لابنِ بطال جلد3 ص26) ”مبسوط“ ۾ آهي: جڏهن اُونداهي ڇانئجي وڃي يا زوردار هوائون هلڻ لڳن ته اُن وقت نماز پڙهڻ بهتر آهي، حضرت سيدنا عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَـنْهُمَا جي باري ۾ نقل ڪيو ويو آهي ته بصره ۾ زلزلو آيو ته پاڻ نماز پڙهيائون. (مرقاة المفاتيح جلد3 ص598)