Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday

Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday

جذبو به پيدا ٿيندو * اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو بهترين ڪتاب آهي: نماز جا احڪام. هن ڪتاب ۾ وضو جو طريقو، غسل جو طريقو، نماز جو طريقو، مسافر جي نماز، قضا نمازن جو طريقو ۽ نمازِ جنازه جو طريقو لکيل آهي هيءَ سموري معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ نماز جا احڪام خريد ڪري مطالعو ڪيو.

ٻين کي نماز جي دعوت ڏيو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي ته پاڻ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نماز پڙهڻي ئي پڙهڻي آهي، ان سان گڏوگڏ پنهنجي گهر وارن کي، دوستن، رشتيدارن، پاڙي وارن، آفيس ۾، دڪان تي گڏ ڪم ڪرڻ وارن کي به نماز جي دعوت ڏئي ڪري نمازي بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: حضرت ابو سعيد خدري رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو ته توهان مان جڏهن ڪو ڪنهن بُرائي کي ڏسي ته ان کي گهرجي ته بُرائي کي پنهنجي هٿ سان بدلائي ڇڏي ۽ جيڪو پنهنجي هٿ سان بدلائڻ جي طاقت نه رکي ان کي گهرجي ته پنهنجي زبان سان بدلائي ۽ جيڪو پنهنجي زبان سان بدلائڻ جي طاقت نه رکي ان کي گهرجي ته پنهنجي دل ۾ بُرو ڄاڻي ۽ هي ڪمزور ترين ايمان جي علامت آهي. )سنن نسائی ،کتاب الاِیمان ،باب :تفاضل اہل الایمان ، صفحہ:802،حدیث :5018بتغیر قلیل (

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

چنڊ رات جا فضائل

   اي عاشقانِ رسول! عيدُ الفطر جي چنڊ واري رات اچڻ واري آهي، تمام بابرڪت رات آهي، اسان وٽ عام طور ان رات جو قدر ناهي ڪيو ويندو، اهي