Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday

Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday

ناهي ڪرڻي، شايد دنيا جو ڪو ڪم ايترو اهم ناهي جو بنا سکڻ جي ڪيو ويندو هجي، هر ڪم جي ٽرينگ ورتي ويندي آهي، پوءِ ڪيو ويندو آهي، ايستائين جو اسان ننڍپڻ ۾ سائيڪل هلائڻ به سکي هئي، پوءِ هلائڻ لڳا هئاسين پر افسوس! هڪ تعداد اهڙو آهي جن نماز ناهي سکي، بَس ڏسي ڪري پڙهڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ اڄ تائين ائين پڙهي رهيا آهن.

   ياد رکو! نماز جي متعلق ضروري احڪام ۽ مسائل سکڻ هر مسلمان تي فرض آهي، تنهنڪري جن اسلامي ڀائرن اڃان تائين نماز باقاعده ناهي سکي، اهي پهرين فرصت ۾ نماز جا ضَروري احڪام ۽ مسائل سکي وٺن! الحمد لله! دعوتِ اسلامي مسجد ڀريو تحريڪ آهي، دعوتِ اسلامي اسان کي وضو، غسل، نماز، دين جون اهم ڳالهيون سيکاريندي به آهي ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جو درس به ڏيندي آهي. نماز سکڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! * عاشقانِ رسول سان مدني قافلن ۾ سفر ڪيو! * مدرسةُ المدينه بالغان ۾ داخلا وٺو! * فرض علوم ڪورس ڪريو! * يا گهٽ ۾ گهٽ 7 ڏينهن جو فيضانِ نماز ڪورس ته ضرور ڪري وٺو! الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي شعبي: مدني ڪورسز جي تحت نماز جو درست طريقو سيکارڻ جي لاءِ وقفي وقفي سان عالمي مدني مرڪز فيصانِ مدينه ڪراچي سميت مختلف مقامن تي 7 ڏينهن جو فيضانِ نماز ڪورس ڪرايو ويندو آهي، ان کان علاوه اُمّتِ مُسلمه جي آساني جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي شعبي فيضان آَن لائن اڪيڊمي جي تحت فيصانِ نماز ڪورس آن لائن به ڪرايو ويندو آهي. انهن ڪورسز ۾ داخلا وٺو! انشآءَ الله الڪريم علمِ دين جو خزانو نصيب ٿيندو * روزانو گهٽ ۾ گهٽ 2 درس ڏيڻ جي نيّت سان گڏوگڏ فيضانِ نماز ڪتاب مان مسجد درس ۽ 7 منٽ چوڪ درس ڏيو، ان سان ماڻهن جي دلين ۾ پنج وقت نماز جي اهميت ۽ محبت وڌندي ۽ نماز پڙهڻ جو