Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday
اسان انهن تمام ڳالهين جو لحاظ رکي ڪري چڱي طريقي سان نماز پڙهون ته نماز اسان جي ڪردار کي سڌاريندي به آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اسان کي آينده منفي ڳالهين، منفي سوچن ۽ منفي عادتن کان بچائي به وٺندي آهي.
هڪي ڀيري هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! فلاڻو شخص رات ۾ ته نماز پڙهندو آهي جڏهن صبح ٿيندي آهي چوري ڪندو آهي. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: عنقريب ان جو هي عمل ان کي چوري کان روڪي وٺندو. )مسندِ امام احمد،جلد:4،صفحہ:658،حدیث:10030(
حضرت فُضيل بن عياض رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا وليُ الله ٿي گذريا آهن، توبهه کان پهريان پاڻ تمام وڏا ڌاڙيل هئا، پوءِ پاڻ توبهه ڪئي ۽ ولايت جي بلند مقام تي وڃي پهتا. کين توبهه جي توفيق ڇو ملي؟ هن جو ظاهري سبب ڪهڙو بڻيو؟ هن باري ۾ عالم سڳورا فرمائن ٿا: حضرت فُضيل بن عياض رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنج وقت نماز جا تمام گهڻا پابند هئا، حيرت جي ڳالهه ڏسو! اسان جي وڏين وڏين آفيسن ۾ ائين نٿو ٿئي پر حضرت فُضيل بن عياض رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڌاڙو هڻڻ جي لاءِ جيڪا جماعت بڻائي هئي، انهن تي به نماز پرهڻ لازم ڪري ڇڏيو هو، جيڪو نماز نه پڙهندو هو ان کي پنهنجي جماعت مان ڪڍي ڇڏيندو هو.
هڪ ڀيري هڪ قافلو ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، رستي ۾ انهن کي خبر پئي ته هن رستي تي ته فضيل ڌاڙيل آهي جيڪو قافلو لُٽي وٺندو آهي. هن قافلي ۾ هڪ شخص وٽ تمام گهڻي رقم هئي، ان سوچيو ته مان ڪنهن طرح پنهنجي رقم لڪائي ٿو ڇڏيان، جيئن ته هي سوچي ڪري اهو صحرا ڏانهن هليو ويو ۽ پنهنجي رقم کي دفن ڪرڻ جي لاءِ مناسب جڳهه تلاش ڪرڻ لڳو.