Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday

Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday

ٻه رڪعت نماز مستحب هئڻ جا ڪجهه سبب

حضرت علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: تيز انڌاري آچي يا ڏينهن ۾ سخت انڌيرو ڇائجي وڃي يا رات ۾ خوفناڪ روشني ٿئي يا لڳاتار ڪثرت سان مينهن وسي يا ڪثرت سان ڳڙا وسن يا آسمان ڳاڙهو ٿي وڃي يا بجليون ڪرن يا ڪثرت سان تارا ٽٽن يا طاعون وغيره وبا ڦهلجي يا زلزلا اچن يا دشمن جو خوف هجي يا ٻيو ڪو دهشتناڪ امر(يعني خوفناڪ معاملو پاتو وڃي انهن سڀني جي لاءِ ٻه رڪعت نماز مستحب آهي. )بہارِ شریعت ،جلد:1 ،صفحہ:788 ،حصہ:4(

نماز بهترين علاج آهي

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! نماز جي خصوصيتن مان اهو به آهي ته نماز بهترين علاج آهي. حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بيان ڪن ٿا ته هڪ ڀيري آءُ نماز پڙهي سرڪارِ مدينه  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ ويهي رهيس. پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ڇا توکي پيٽ ۾ سور آهي؟ مون عرض ڪيو: جي ها. فرمايائون:

قُمْ فَصَلِّ، فَاِنَّ فِی الصَّلَاۃِ شِفَآءً

يعني ”اٿ ۽ نماز پڙھ ڇو جو نماز ۾ شفا آهي.“

)ابنِ ماجہ ،کتاب الطب ،باب الصلاۃ شفاء ،صفحہ:560 ،حدیث:3458(

 سُبْحٰنَ اللہ! پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو: نماز ۾ شفاء آهي؟ ڪهڙي ڪهڙي مرض سان شفا آهي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هر مرض کان شفاء آهي، مٿي ۾ سور هجي يا پيٽ جا مسئلا هجن، معدو خراب هجي يا دل جا مرض هجن، الله نه ڪري ڪينسر ٿي وڃي يا گردا فيل ٿي وڃن، نماز پڙهو، نماز جي ذريعي الله پاڪ سان شفاء طلب ڪيو، الله پاڪ چاهيو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! شفاء نصيب ٿيندي.

بے عدد اَمراض سے محفوظ رکھے گی تمہیں

حق سے دلوائے گی صحت،   تم پڑھو دل سے نَماز