Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday

Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

درود جي فضيلت

  حضرت سَهل بن سعد رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن نبي پاڪ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻاهر تشريف وٺي آيا، هن موقعي تي حضرت ابو طلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْه اڳتي وڌي ڪري عرض ڪيو: يارسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان، اڄ چهري مبارڪ تي خوشي جا آثار معلوم ٿي رهيا آهن. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بيشڪ هاڻي هاڻي جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام مون وٽ آيو ۽ انهن عرض ڪيو: اي محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنهن اوهان تي هڪ ڀيرو دُرودِ پاڪ پڙهيو، الله پاڪ ان جي نامهءِ اعمال ۾ 10 نيڪيون لکندو ۽ 10 گناھ مِٽائيندو ۽ 10 درجات وڌائيندو.

اُن پر دُرود جن کو کَسِ  بے کَساں کہیں  اُن  پر سَلام جن کو خَبَر بے خَبَر کی ہے

وضاحت: اهي پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن کي بي سهارن جو سهارو چيو ويندو آهي، جيڪي هر بي خبر جي خبر رکڻ وارا آهن، انهن تي دُرود ۽ سلام هجن.  (حلیۃ الاولیاء ،جلد:1،صفحہ:120)

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])


 

 



[1]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895