Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday
جنت اے بے نمازیو! کس طرح پاؤ گے؟
ناراض رب ہوا تو جہنم میں جاؤ گے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
صد ڪروڙ افسوس! اڄ اڪثر مسلمانن کي نماز جي بلڪل پرواھ ئي ناهي رهي، اسان جون مسجدون نمازين کان خالي نظر اچن ٿيون. الله پاڪ نماز فرض ڪري اسان تي يقينن وڏو احسان ڪيو آهي، اسان رڳو ٿوري ڪوشش ڪري، نماز پڙهون ته الله ڪريم اسان کي تمام گهڻو اجر ۽ ثواب عطا فرمائيندو. (فیضانِ نماز ،صفحہ:8۔)
مختلف حديثون روايت جي مطابق * الله پاڪ کي راضي ڪرڻ جو سبب نماز آهي۔ (تنبيه الغافلين ص150) * مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اکين جي ٿڌاڻ نماز آهي۔ (سنن ڪبريٰ للنسائي جلد5 ص280،حديث:8888) * انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي سنت نماز آهي. (تنبيه الغافلين ص151) * نماز اونداهي قبر جو ڏيئو آهي. (تنبيه الغافلين ص151) * نماز عذابِ قبر کان بچائيندي آهي. (الزواجر جلد1ص295) * نماز قيامت جي تپش کان ڇانوَ آهي. (تنبيه الغافلين ص151) * نماز پل صراط جي لاءِ آساني آهي. (تنبيه الغافلين ص151) * نماز نور آهي. (مسلم شريف ص115،حديث:534) * نماز جنت جي ڪنجي آهي. (مسند امام احمد جلد5 ص103، حديث:14668) * نماز جهنم جي عذاب کان بچائيندي آهي. * نماز پڙهڻ سان رحمت نازل ٿيندي آهي. * الله پاڪ محشر جي ڏينهن نمازيءَ سان راضي ٿيندو. * نماز دين جو ٿنڀ آهي. (شعب الايمان جلد3 ص39، حديث:2808) * نماز سبب گناھ معاف ٿيندا آهن.