Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday
هن فرزند (يعني پٽ) سان تمام گهڻي محبت هئي، مان جدائي جو صدمو برداش نه پئي ڪري سگهيس، تنهنڪري مان نماز ۾ مشغول ٿي هن صدمي کان بي خبر ٿي ويس ۽ پاڻ هيءَ آيت (وَ اسۡتَعِیۡنُوۡا بِالصَّبۡرِ وَ الصَّلٰوۃِ ؕ ترجمو: ۽ صبر ۽ نماز کان مدد وٺو) پڙهيائون. (تفسيرِ نعيمي جلد1ص299 کان300)
جنت میں نرم نرم بچھونوں کے تخت پر
آرام سے بٹھائے گی اے بھائیو! نماز
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
حضرت ابُوالحَسن سَرِي سَقَطِيرَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمتِ بابرڪت ۾ پاڙيسري عورت اچي عرض ڪيو: اي ابوالحسن! رات منهنجي پٽ کي سپاهي پڪڙي ويا آهن ڪٿي اهي ان کي تڪليف نه پهچائن، مهرباني ڪيو! منهنجي پٽ جي سفارش ڪيو يا ڪنهن کي مون سان گڏ موڪليو. پاڙيسري عورت جو فرياد ٻڌي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بيهي خشوع ۽ خضوع سان نماز ۾ مشغول ٿي ويا. جڏهن ڪافي دير ٿي وئي ته ان عورت چيو: اي ابوالحسن! جلدي ڪيو! ڪٿي ائين نه ٿئي جو حاڪم منهنجي پٽ کي جيل ۾ وجهي ڇڏي! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نماز ۾ مشغول رهيا، پوءِ سلام ڦيرڻ کان بعد فرمايائون: ”اي الله پاڪ جي ٻانهي! مان تنهنجو مسئلو ئي ته حل ڪري رهيو آهيان.“ اڃان اها گفتگو هلي ئي رهي هئي ته ان پاڙي واريءَ جي خادمه ڊوڙندي آئي ۽ چوڻ لڳي: بيبي صاحبه! گهر هلو! اوهان جو پٽ گهر اچي ويو آهي. اهو ٻڌي ڪري اها پاڙيسري عورت ڏاڍي خوش ٿي ۽ سندن کي دعائون ڏيندي اتان کان رواني ٿي وئي. (عيون الحڪايات ص165 ملخّصاً). (عيون الحڪايات (اردو) جلد1 ص266) اللهُ