Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday
تَعِیۡنُوۡا بِالصَّبۡرِ وَ الصَّلٰوۃِ ؕ وَ اِنَّہَا لَکَبِیۡرَۃٌ اِلَّا عَلَی الۡخٰشِعِیۡنَ (ۙ۴۵)
ترجموڪنزالايمان: ۽ صبر ۽ نماز کان مدد وٺو ۽ بيشڪ نماز ضرور ڳري آهي مگر انهن تي (نه آهي) جيڪي دل سان منهنجي طرف جهڪندڙ آهن.
سُبۡحٰن الله! معلوم ٿيو: اسان تي ڪا مشڪل اچي، ڪنهن قسم جي ڪا پريشان اچي، اسان نماز پڙهون ان جي ذريعي کان مدد چاهيون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! غيب مان مدد ٿيندي ۽ پريشاني دور ٿي ويندي.
جڏهن بارگاههِ رسالت ۾ بُک جي حاضري ٿيندي ھئي
حضرتِ مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيتِ مبارڪه جي حوالي سان لکن ٿا: هتي ”صلوٰة“ مان يا ته پنج وقت جي نماز مراد آهي يا خاص نماز. يعني پنج ئي نمازن جي ذريعي مدد حاصل ڪرڻ، هر مصيبت جي وقت خاص نمازن کان، ڏڪار ۾ نمازِ استسقاء کان ۽ خاص مصيبت جي وقت نمازِ حاجت وغيره کان. ڇوته نماز انسان کي دنيا کان بي خبر ڪري الله تعالٰي جي طرف متوجھ ڪري ڇڏيندي آهي انڪري هن جي برڪت سان دنيا جون مشڪلون دل مان ڪڍيون وينديون آهن. ”(صاحبِ) تفسيرِ عزيزي“ هن آيت جي تفسير ۾ لکيو آهي ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي گهر ۾ فاقو هوندو هو ۽ رات جو ڪجھ نه کائيندا هئا ۽ بُک غالب ٿي ويندي هئي ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مسجد ۾ اچي نماز ۾ مشغول ٿي ويندا هئا. (تفسيرِ نعيمي جلد1ص299 کان 300)
جڏهن پٽ جي وفات جي خبر ملي (حڪايت)
حضرت اِبنِ عباس رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ پٽ جي وفات جي خبر ٻڌي نماز ۾ مشغول ٿي ويا ۽ نماز کي ايترو ڊگهو ڪيائون جو جڏهن ماڻهو سندن پٽ کي دفنائي موٽيا تڏهن پاڻ فارغ ٿيا. ماڻهن ان جو سبب پڇيو ته پاڻ فرمايائون مونکي