Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday
مدني قافلا سفر ڪندا رهندا آهن، اوهان به عاشقانِ رسول سان مدني قافلي ۾ سفر ڪيو! ان شآءَ الله الڪريم! کوڙ ساريون برڪتون ملنديون.
ماهوار فيضان مدينه ايپليڪيشن جو تعارف
اي عاشقانِ رسول! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ جي طرف کان ماهوار فيضان مدينه ايپليڪيشن متعارف ڪرائي وئي آهي، هن ايپليڪيشن ۾ هي بهترين آپشنز (Options) موجود آهن * پويان تمام ماهوار فيضانِ مدينه جو PDF * تمام ماهوارن جا مضمونَ (آرٽيڪلز) ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهن، جن کي ڪاپي ڪري شيئر به ڪري سگهجي ٿو * سرچ آپشن (Search option) جنهن ۾ تمام ماهوار سرچ ڪري ڪا به شيءِ ڳولي سگهجي ٿي * تمام مضامين موضوعات جي اعتبار سان ترتيب ڏنا ويا آهن، پنهنجي اسمارٽ فون ۾ هي ايپليڪيشن ڊائون لوڊ (Download) ڪري وٺو! پاڻ به فائدو وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي صلح جي متعلق چند مدني گل بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو.
پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ سُنّتِ اِلهٰيه آهي۔ (فيصله کرنے کے مدنی پھول، ص۳۱ملخصاً) حديثِ پاڪ ۾ آهي: مخلوق ۾ صُلح ڪرايو ڇوته اللہ ڪريم به بروزِ قيامت مسلمانن ۾ صُلح ڪرائيندو۔ (مستدرڪ،۵/۷۹۵, حديث:۸۷۵۸) مسلمانن جي وچ ۾ پيار ۽ محبت پيدا ڪرڻ ۽ صُلح ڪرائڻ پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي (به) سُنّت آهي۔ (صراط الجنان،۲/۱۹) جيئن نبي اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اَوس ۽ خَزرَج ٻن قبيلن جي وچ ۾ صُلح ڪرائي۔ (در منثور، اٰل عمران، تحت الآيۃ: ۱۰۰، ۲/۲۷۹ماخوذاً) ڪوڙ ڳالهائي ٻن مَردن يا مَرد ۽ عورت جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ