Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday

Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday

الفطر جي چنڊ رات تمام برڪت واري آهي. ان رات کي گناھن ۾ گذارڻ جي بدران، نيڪ ڪمن ۾ گذارڻ گهرجي * پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ برڪت نشان آهي: جنهن عيدَين جي رات (يعني عيدُ الفطر جي رات ۽ عيدُ الاضحٰي جي رات) ثواب طلب ڪرڻ جي لاءِ قيام ڪيو، ان ڏينهن ان جي دل نه مرندي جنهن ڏينهن (ماڻهن جون) دليون مري وينديون. )ابنِ ماجہ ،کتاب الصیام، باب فیمن قام فی لیلتی العیدین ،صفحہ:284 ،حدیث:1782(

   هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو 5 راتين ۾ شب بيداري ڪري ان جي لاءِ جنّت واجب ٿي ويندي آهي. ذُوالحِجّه شريف جي اٺين، نائين ۽ ڏهين رات (هن طرح 3 راتيون ته هي ٿيون) ۽ چوٿين عيدُالفطر جي رات، پنجين شعبانُ المعظم جي پندرهين رات(يعني شبِ براءت). )الترغیب و الترہیب ،کتاب العیدین و الاضحیۃ،صفحہ:373 ،حدیث:2(   

    حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: ته 5 راتين ۾ دعا قبول ٿيندي آهي: (1): جمعي جي رات (2): رجبُ المُرجب جي پهرين رات (3): شعبان جي پندرهين رات (4): عيدُ الفطر جي رات ۽ (5): عيدُ الاضحيٰ جي رات. )شُعَبُ الایمان ،جلد:3 ،صفحہ:342 ،حدیث:3713(     

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو

پيارا اسلامي ڀائرو! مڪي مديني جو عشق ماڻڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ ۽ نيڪين واري زندگي گذارڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺو! ان شآءَ الله الڪريم زندگي ۾ نيڪين جي بهار ايندي، الله پاڪ جي رضا وارا ڪم ڪرڻ جا موقعا نصيب ٿيندا. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدني قافلو به آهي.

الحمد لله! گناهن جو سيلاب روڪڻ ۽ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ جي لاءِ هزارين عاشقانِ رسول وقت به وقت 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، هڪ مهينو ۽ ٻارهن مهينن جي لاءِ مدني قافلن ۾ سفر ڪندا رهندا آهن. چنڊ رات جو به