Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! نماز جي هڪ اهم خصوصيت اها به آهي ته نماز رڳو جسماني مرضن سان نه بلڪ روحاني مرضن کان به شفا بخشيندي آهي، نماز اسان جي ڪردار، اخلاق، گفتار، عادتن تي تمام گهڻا چڱا اثر وجهندي آهي، جنهن جي سبب اسان معاشري جو بهترين فرد بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا:
حضرتِ مفتي احمد يارخان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ جڳھ تي فرمائن ٿا: * نماز مصيبتن جو بهترين علاج ۽ * رحمتون حاصل ڪرڻ جو اعلٰي ذريعو آهي * نماز سان بدن جي صفائي * لباس جي پاڪائي * پاڪيزه اخلاق * آخرت جي الفت * دنيا کان بي رغبتي * رب سان محبت حاصل ٿيندي آهي هن شرط تي جو دلي توجھ سان پڙهجي.
وڌيڪ فرمائن ٿا: جيئن مختلف دوائن ۾ مختلف تاثير آهن، ائين ئي نماز ۾ اهو تاثِيرُ آهي ته اها برائين ۽ بدڪارين کان بچائيندي آهي ۽ جيئن جبلن جي هوا تندرستي جي لاءِ مفيد آهي ائين مسجد جي هوا ايمان جي درستگي جي لاءِ فائديمند هوندي آهي، نماز ۾ هڪ خاص ڳالھ هيءَ آهي ته اها انسان جي خيال کي هٽائي ڇڏيندي آهي يعني دنيا کان بلڪل غافل ڪري رب (پاڪ) ڏانهن متوجھ ڪندي آهي جنهن سان انسان دنياوي غم وساري ڇڏيندو آهي ۽ فارغ ٿي اهڙو ته مسرور (يعني خوش) هوندو آهي جو ان کان پوءِ دل ۾ مصيبت جو وڌيڪ احساس ناهي ٿيندو،
رحمت کے شامیانوں میں خوشبو کے ساتھ ساتھ ٹھنڈی ہوا چلائے گی اے بھائیو! نَماز
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! نماز جا سائيڪالوجيڪل به گهڻا فائدا آهن، الله پاڪ جي فضل سان * نماز ذهن کي تبديل ڪرڻ جو سبب به آهي * ۽ زندگي کي