Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday
بدلڻ جو سبب به آهي * نماز مٿي کان پيرن تائين، دل، دماغ ۽ سوچ تي چڱا اثر وجهندي آهي * نماز مڪمل ادب آهي ۽ ادب انسان کي ڪاميابين تائين وٺي ويندو آهي * نماز مڪمل عاجزي آهي ۽ عاجزي انسان کي بلندين تائين پهچائي ڇڏيندي آهي * نماز انسان کي فرض شناس بڻائيندي آهي * نماز جا اوقات مقرر آهن، فجر، ظهر، عصر، مغرب، عشاء سڀني نمازن جا مخصوص وقت آهن، وقت جي پابندي سان نمازِ باجماعت جي عادت وجهڻ سان انسان وقت جو پابند بڻجندو آهي * نماز هڪ مراقبو آهي، نمازي نماز ۾ سڀ ڪم ڌنڌا ڇڏي ڪري، سڀني سوچن کان ناتو ٽوڙي ڪري پنهنجي رب ڪريم جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيندو آهي، پنهنجي پوري توجهه الله ربُّ العٰلمين جي طرف لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ان جي برڪت سان فضول فڪرن کان نجات ملندي آهي ۽ انسان جي سوچ پاڪ صاف ٿيندي آهي * ۽ نماز جي هڪ اهم ترين خصوصيت اها به آهي ته نماز هڪ حفاظتي قلعو آهي. اوهان کي خبر هوندي: دوا ٻه طرح جي هوندي آهي، هڪ ته عام دوا جيڪا بيمار جي اندر کان بيماري کي ختم ڪندي آهي ۽ هڪ ويڪسين هوندي آهي، اها بيماري کي ختم به ڪندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ آينده بيماري کي ويجهي اچڻ کان به روڪيندي آهي، نماز به ائين ئي آهي نماز اسان جي اندروني باطني بيمارين کي ختم به ڪندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ آينده گناهن ۽ بيمارين کي اسان جي ويجهي اچڻ کان به روڪيندي آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو
اِنَّ الصَّلٰوۃَ تَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ وَ الۡمُنۡکَرِ ؕ
ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ نماز بي حيائي ۽ بري ڳالهه کان روڪي ٿي
اها نماز جي اهم ترين خاصيت آهي. نماز جا 6 شرط، 7 فرض، 30 واجب آهن ۽ تقريبًا 96 سنتون آهن، ان کان علاوه تمام گهڻا باطني آداب به آهن، جيڪڏهن