Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday
انهيءَ دوران سندن نظر هڪ بزرگ تي پئي، جيڪو صحرا ۾ مصلو وڇائي تسبيح پڙهي رهيو هو، ان شخص کي ڪجهه تسلي ٿي ۽ دل مطمئن ٿيو ته مون کي هڪ نيڪ انسان ملي ويو، هو جلدي مان ان جي ويجهو ويو ۽ پنهنجو مال امانت طور ان بزرگ وٽ رکرائي ڇڏيو، جڏهن واپس آيو ته ڏٺائين ته قافلي وارن تي ڌاڙيل حملو ڪري چڪا هئا، سڄو قافلو لُٽجي چڪو هو، هاڻي هي پنهنجي رقم واپس وٺڻ جي لاءِ ان بزرگ وٽ پهتو ته ڏٺائين: اهو ئي بزرگ ڌاڙيلن سان گڏ ويهي مال ورهائي رهيو آهي. ان کي تمام گهڻو افسوس ٿيو، هاڻي هن کي خبر پئي ته مان جنهن کي نيڪ بزرگ سمجهي رهيو هئس، اهو ئي اصل ۾ ڌاڙيلن جو سردار فضيل آهي. بهرحال! هي شخص ڊڄندي ڊڄندي ويجهو ويو، پنهنجي رقم جي متعلق پڇيائين، حضرت فضيل فرمايو: جتي رکي ويا هيؤ، اتان وڃي کڻو! پوءِ پاڻ پنهنجي ساٿين کي چيائين: هن شخص مون تي اعتماد ڪيو ۽ مان الله تي اعتماد رکان ٿو.
هڪ ڀيري سندن ساٿين قافلو لُٽيو ۽ ملي ڪري مال تقسيم ڪرڻ لڳا، قافلي مان هڪ شخص پڇيو: توهان جو ڪو سردار ناهي؟ ڌاڙيلن چيو: اسان جو سردار آهي، اهو هن وقت دريا ڪناري نماز پڙهي رهيو آهي. پڇڻ واري حيرت مان پڇيو: هي ته نماز جو وقت ناهي؟ ڌاڙيلن چيو: اسان جو سردار نفلَ پڙهي رهيو آهي. )تذکرۃ الاولیاء ،صفحہ:60-61(
الله اڪبر اها نماز سان اهڙي محبت ۽ لڳاءُ هو جو حضرت فُضيل بن عياض رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي هدايت جا دروازا کلي ويا ۽ پاڻ ولايت جي بلند مقام تي وڃي پهتا. بهرحال اهلِ تقوٰي وارن جو ٻيون وصف آهي: اهي نماز قائم ڪندا آهن، نماز کي ظاهري باطني حقن سان پابندي سان ادا ڪندا آهن، تنهنڪري جيڪڏهن اسان پنهنجي دل جي زمين کي زرخيز بڻائي قرآني هدايتن مان نفعو کڻڻ چاهيون ٿا ته اسان کي گهرجي نماز قائم ڪيون يعني نماز جي