Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday

Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

الوداع الوداع ماھِ رمضان.....!!

اَلوداع اَلوداع ماه رمضان...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪجھ ئي ڏينهن پهريان جي ڳالھ آهي، عاشقانِ رمضان انتظار ۾ هئا ته رمضان المبارڪ اچڻ وارو آهي * رمضان المبارڪ جي تياري هلي رهي هئي * ٺاهڻ وارا پنهنجو نيڪين ڀريو جَدوَل (شيڊيول) ٺاهي رهيا هئا * رمضان المبارڪ ڪيئن گذارڻو آهي؟ ان جي لاءِ اڳواٽ هدف بڻايا پئي ويا * عاشقانِ رمضان جون دِليون بيتاب هيون * پوءِ الله پاڪ جي ڪرم سان، ان جي فضل سان هڪ ڏينهن آيو * رُوح کي مهڪائڻ وارو هڪ آواز ڪنن ۾ گونجهيو: مبارڪ هجي....!! ماہِ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو آهي * هي اِعلان ٻُڌندي ئي دِل خوشي سان مچلجي وئي * مسجدن ۾ بهار اچي وئي * تِلاوت جا شوقين تِلاوتِ قرآن ۾ مَصرُوف ٿي ويا * سحري ۽ افطاري جون رونقون هيون * ڏسندي ئي ڏسندي رحمت ڀريو عشرو پنهنجون برڪتون عام ڪندي موٽي هليو ويو * پوءِ عشرهء مغفرت شروع ٿيو * خوش نصيبن کي رَبِّ رحمٰن و رحيم جي بارگاھ مان بخشش جي خيرات ملي * رمضان المبارڪ جي قدر دانن عشرهء مغفرت جون برڪتون حاصِل ڪيون * پوءِ جلد ئي عشرهء مغفرت به رُخصت ٿيو * هن سان گڏ ئي جهنّم کان آزادي جو عشرو اچي ويو * اعتڪاف ڪرڻ وارا جُوق دَر جُوق مسجدن جي طرف وڌي ويا * اعتڪاف