Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday
پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا جو دستور آهي ته جڏهن ڪو پيارو اسان کان جدا ٿيندو آهي ته اسان ان ڪا نه ڪا يادگار پاڻ وٽ محفوظ رکندا آهيون. هاڻي اسان جو انتهائي پيارو، نهايت محبوب مهينو، ربّ جو مهمان ماھِ رمضان جدا ٿي رهيو آهي، اسان کي گهرجي ته اسان ان جي به ڪا يادگار پاڻ وٽ محفوظ رکون. رمضان المبارڪ جون تمام گهڻيون يادگيريون آهن. مثلاً. روزو رمضان المبارڪ جي خصوصيت آهي، عام طور اسان جي ذهنن ۾ رمضان جو جيڪو تصور ڄميل هوندو آهي، اهو روزي جي طور تي هوندو آهي، لهٰذا روزو رمضان المبارڪ جي اهم يادگار آهي، اسان نفل روزن جي صورت ۾ ماھ رمضان جي هي يادگار پاڻ وٽ محفوظ ڪري سگهون ٿا، رمضان المبارڪ جي فوراً بعد ئي ڇھ عيد جا روزا آهن، ان کان علاوه هر مهيني ايّام بيض(يعني چنڊ جي 13، 14، 15 تاريخ) جا روزا رکڻا هوندا آهن، حديثن ۾ هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينهن جو روزو رکڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي، هر سومر شريف جو رکڻ سنّت آهي، مطلب، ڪنهن به انداز ۾ نفل روزا رکي ڪري اسان يادگار محفوظ ڪري سگهون ٿا، انهي طرح اعتڪاف به ماھ رمضان جي اهم يادگار عبادت آهي، سنت اعتڪاف ته ماھ رمضان ئي ۾ ٿيندو آهي، البته اسان نفل اعتڪاف ڪنهن به وقت ڪري سگهون ٿا، جڏهن به مسجد ۾ اچو ماھ رمضان جي يادگار جي طور تي نفل اعتڪاف ڪرڻ جي عادت بڻايو. تلاوت قرآن به ماھِ رمضان جي يادگار آهي، رمضان المبارڪ جي تشريف آڻيندي ئي، تلاوت جي ڪثرت شروع ٿي ويندي آهي، هڪ تعداد اهڙي به آهي جيڪي سڄو سال تلاوت ڪن يا نه ڪن، رمضان المبارڪ ۾ تلاوت ضرور ڪندا آهن، سڄي رمضان ۾ هڪ يا ٽي قرآنِ ڪريم ته ضرور ختم ڪندا آهن، تنهنڪري تلاوت قرآن کي بطور يادگار بڻائي رکو. رمضان جون يادون تازا ڪرڻ جي لاءِ روزانو فجر جي نماز کان بعد يا جڏهن آساني ٿي تلاوتِ قرآن ڪندا رهو. تراويح به ماھِ رمضان جي بهترين