Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday
يادگار آهي، رمضان المبارڪ کان علاوه جيتوڻيڪ تراويح ناهي پڙهي ويندي، البته تراويح پڙهڻ جي عادت ته ٿي وئي هوندي، هاڻي روزانو تراويح جي جڳھ 20 رڪعتون نفل پڙهڻ جي عادت اپنائي وٺو. نماز به ماھِ رمضان جي اهم ترين يادگار آهي، هونئن ته ظاهر ڳالھ آهي ته نماز صرف رمضان ئي ۾ نه بلڪه سڄو سال ئي فرض آهي پر اسان وٽ نهايت افسوسناڪ صورتحال آهي، رمضان المبارڪ جي تشريف آڻيندي ئي مسجد خوب آباد ٿي ويندي آهي پر جيئن ئي رمضان المبارڪ رخصت ٿي ويندو آهي، چند رات جي عشاء نماز ۾ ئي مسجدون خالي نظر اچڻ لڳنديون آهن. التجاء آهي، ماھِ رمضان جي يادگار جي طور تي ئي سهي اسان نماز کي هميشه هميشه جي لاءِ اپنائي وٺون، رمضان المبارڪ جي هنن آخري ڏينهن ۾، ماھِ رمضان جي عزت جي نيت سان، هن مهمان جي يادگار جي طور تي اسان پڪا نمازي بڻجي وڃون، روزانو نماز پڙهون، پنج ئي نمازون ادا ڪيون بلڪه مسجد ۾ جماعت اوليٰ سان نماز پڙهڻ جي پڪي عادت اپنايون. ڪاش! صد ڪاش! مسلمانن جو ٻار ٻار سچو پڪو نمازي بڻجي وڃي. اي ڪاش! اسان جو هي ذهن بڻجي وڃي. ته تمام نمازون سڄو سال باجماعت ادا ڪيون، اچو! ملي ڪري هن جو عزم ڪيون ٿا ”تمام نمازون سڄو سال“
ہر عبادت سے برتر عبادت نماز ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نماز
یا خُدا تجھ سے عطار کی ہے دُعا! مصطفےٰ کی پڑھے ساری اُمّت نماز
الله پاڪ! اسان کي پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم