Book Name:Namaz Ke Deeni o Dunyavi Faiday
اُن مونکي پهريان وانگر اشارو ڪيو. مون ان کي اشاري ۾ چيو ته پنجن دينارن کان گهٽ نه وٺندس. ان مڃي ورتو. پوءِ جڏهن مغرب جو وقت ٿيو ته معمول موجب مونکي ان اشارو ڪيو ته مون چيومانس: مان ڏهن دينارن کان گهٽ نه وٺندس. ان منهنجي ڳالھ مڃي ورتي. ۽ جڏهن نماز کان فارغ ٿيو ته زمين مان ڏھ دينار ڪڍي مونکي ڏنائين ۽ جڏهن عشاء جي نماز جو وقت ٿيو ته معمول مطابق اُن مونکي اشارو ڪيو. مون چيو: مان ويھ دينارن کان گهٽ نه وٺندس. پوءِ به اُن منهنجي ڳالھ مڃي ورتي ۽ نماز کان فارغ ٿي ان زمين مان ويھ دينار ڪڍيا ۽ مونکي ڏيندي چوڻ لڳو: جيڪو گهرڻو اٿئي گهر! منهنجو رب وڏو غني ۽ ڪريم آهي، مان ان کان جيڪو گهرندس اهو عطا ڪندو. ان جي اهڙي ڪيفيت ڏسي مونکي يقين ٿي ويو ته هي وليُ الله آهي، مون تي ان جو رُعب ويهي ويو ۽ مون ان کي زنجيرن مان آزاد ڪري ڇڏيو ۽ اها رات مون روئي گذاري.
جڏهن صبح ٿيو ته مون ان کي سڏي ان جي تعظيم ۽ توقير ڪئي، ان کي پنهنجو پسنديده نئون لباس پارايو ۽ اختيار ڏنو ته اوهان چاهيو ته اسان جي شهر ۾ عزت واري گهر يا محل ۾ رهو يا چاهيو ته پنهنجي شهر هليا وڃو. ان پنهنجي شهر وڃڻ پسند ڪيو. مون هڪ خچر گهرايو ۽ سفري سامان ڏئي ان کي خچر تي پاڻ سوار ڪيو. ان مونکي دعا ڏني: ”الله پاڪ پنهنجي پسنديده دين تي تنهنجو خاتمو فرمائي“ ان جو اهو جملو اڃان مڪمل به نه ٿيو هو ته منهنجي دل ۾ دينِ اسلام جي محبت وڌي وئي، پوءِ مون پنهنجا ڏھ غلام ان سان گڏ موڪليا. انهن کي حڪم ڏنو ته هن کي نهايت احترام سان وٺي وڃو. پوءِ ان کي مس ۽ ڪاغذ ڏنو ۽ هڪ نشاني مقرر ڪري ورتي ته جڏهن اهو حفاظت سان پنهنجي مقام پهچي وڃي ته هُو اتان نشاني لکي ڪري مون ڏانهن موڪلي. اسان جي ۽ اُن جي شهر جي وچ ۾ پنجن ڏينهن جو فاصلو هو. جڏهن ڇهون ڏينهن آيو ته منهنجا خادم مون وٽ آيا، انهن وٽ هڪ ڪارڊ به هو جنهن ۾ ان جو خط ۽ اها