Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

ڇا مون تي به ڪا نعمت آهي...؟

   صحابيءِ رسول حضرت اَنس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: جڏهن هي آيتِ ڪريمه نازل ٿي:

ثُمَّ لَتُسۡـَٔلُنَّ یَوۡمَئِذٍ عَنِ النَّعِیۡمِ (۸(سيپارو: 30، سورة تڪاثر: 8)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ بيشڪ ضرور ان ڏينهن توهان کان نعمتن جي باري ۾ پڇيو ويندو.

  هي ٻڌي ڪري هڪ محتاج شخص اٿي بيٺو ۽ عرض ڪيائين: يارسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! ڇا مون تي به ڪا نعمت آهي (جنهن جي باري ۾ مون کان پڇيو ويندو) فرمايائون: هائو! ڇانوَ، جوتا ۽ ٿڌو پاڻي (توکي به مُيسر آهي، قيامت جي ڏينهن انهن جي باري ۾ به پڇيو ويندو).[1]

هڪ وليُ الله جي جڏهن دعوت ڪئي وئي

  حضرت حاتم اصم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه الله پاڪ جا تمام وڏا ولي ٿي گذريا آهن، هڪ ڀيري ڪنهن مالدار شخص کين کاڌي جي دعوت پيش ڪئي پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه منع ڪري ڇڏيو، ان باربار درخواست ڪئي ته آخر سندن دعوت قبول ڪري ورتي ۽ فرمايائون: جيڪڏهن توکي منهنجون 3 شرطون قبول هجن ته مان ضرور ايندس. پهرين: مان جتي چاهيندس اتي ويهندس، ٻي: جيڪو چاهيندس کائيندس ٽئين: جيڪو مان چوندُس اهو توکي ڪرڻو پوندو. ان مالدار هي ٽئي شرطون مڃي ورتيون. دعوت واري ڏينهن ان مزيدار کاڌي جو اهتمام ڪيو. الله جي ولي جي زيارت جي لاءِ کوڙ ماڻهو به جمع ٿي ويا. مقرر وقت تي حضرت حاتم اصم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به تشريف وٺي آيا ۽ ايندي ئي جوتا لاهڻ واري جڳھ تي ويهي رهيا. ميزبان ڇو ته هي شرط مڃي چڪو هو ته حضرت جتي چاهيندا اتي ويهندا


 

 



[1] تفسیر دُرِّ منثور ،پارہ:30 ،سورۂ تکاثُر ،زیرِ آیت :8 ،جلد:8 ،صفحہ:619۔