Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat
جي وجھ سان ڪجھ ماڻهو ڄاڻي واڻي ڪري پنهنجي پليٽن ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون بچائي ڪري اٿي ويندا آهن ۽ صفائي ڪرڻ وارا پليٽ ۾ بچيل کائڻ پيئڻ جون شيون اڇلائي ضايع ڪري ڇڏيندا آهن. رمضانُ المبارڪ ۾ وڏين وڏين افطار پارٽين جو اهتمام ڪيو ويندو آهي مختلف قسمن جا کاڌا تيار ڪيا ويندا آهن جيڪو کائي سگهيا کائيندا ۽ باقي ڪچري جي حوالي ڪيو ويندو آهي. الله پاڪ اسان کي نعمتن جي قدر جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
سڄي دنيا ۾ اسراف جو هڪ سَرسري جائزو
افسوس! جو هي حال صرف هڪ گهر، ڳوٺ، شهر يا ملڪ جو نه بلڪه اسراف هاڻي عالمي مرض جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. اخباري سروي جي مطابق صرف ڪراچي ۾ شادي هالز (Marriage Halls) ۾ لکين روپين جو کاڌو اڇلايو ويندو آهي. هڪ رپوٽ جي مطابق دنيا ۾ هر سال تيار ڪئي ويندڙ جو هڪ چوٿون حصو خوراڪ ضايع ٿي ويندي آهي. يورپ ۽ شمالي آمريڪا ۾ اوسطاً هڪ شخص سالانه هڪ سؤ ڪلو گرام قابِلِ استعمال خوراڪ ضايع ڪري ڇڏيندو آهي.
شايد انهيءَ حد کان وڌيڪ اسراف جي نحوست آهي جو سڄي دنيا ۾ خوراڪ جي ڪَمي، تنگدستي، بُک ۽ غربت وڌندي ئي پئي وڃي. مختلف رپورٽس جي مطابق. برطانيه ۾ تقريباً 40 لک ماڻهو اڄ به مناسب خوراڪ تائين نه ٿا پهچي سگهن. آمريڪا ۾ 3 ڪروڙ 50 لک ماڻهو اهڙن خاندانن سان تعلق رکندڙ آهن جن جي خوراڪ اڻ پوري آهي. يورپ ۾ 4 ڪروڙ 30 لک ماڻهو مناسب خوراڪ کان محروم آهن ۽ عجيب ڳالھ هيءَ آهي ته هي سڀ ماڻهو انهيءَ معاشري ۾ موجود آهن جتي جديد سپر مارڪيٽون لکين ٽَنَ قابلِ استعمال