Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat
جو حساب ورتو ويو ته اسان ڇا جو بڻجندو؟ هاءِ! ڪيئن هڪ هڪ نعمت جو حساب ڏئي سگهنداسين. ڪاش! اسان اڄ ڊڄي وڃون، ڪاش! اسان اڄ ئي توبھ ڪري اسراف ۽ ٻين تمام گناھن کي ڇڏي ڪري نيڪ رستي جا مسافر بڻجي وڃون.
کب گناہوں سے کنارا میں کروں گا یارَبّ! نیک کب اے مِرے اللہ بنوں گا یا رَبّ!
ہائے! معمولی سی گرمی بھی سہی جاتی نہیں گرمئ حَشر میں پھر کیسے سہوں گا یارَبّ!
آج بنتا ہوں معزز جو کُھلے حشر میں عیب آہ! رُسوائی کی آفت میں پھنسوں گا یارَبّ!
اسراف تنگدستي جو سبب آهي
اي عاشقانِ رسول! اسراف يعني شيون ضايع ڪرڻ ۽ مال اجايو خرچ ڪرڻ جا آخرت جا نقصان به سخت هولناڪ آهن، ان سان گڏوگڏ دنيا ۾ به اسراف جو نقصان آهي يعني دنياوي ۽ اُخروي ڪنهن به لحاظ سان اسراف جو هڪ فيصد به ڪو فائدو آهي ئي نه. بَس نقصان ئي نقصان آهي.
دنياوي لحاظ سان اسراف جو هڪ وڏو نقصان هي به آهي ته اسراف جي سبب نعمت ويندي ۽ تنگدستي ايندي آهي، جيئن ته حديثِ پاڪ ۾ آهي: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنِ اقْتَصَدَ اَغْنَاہُ اللہُ، وَمَنْ بَذَّرَ اَفْقَرَہُ اللہُ يعني جيڪو شخص (خرچ ۾) ميانه روي قائم رکندو آهي، الله پاڪ ان کي مالدار بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ جيڪو فضول (يا اجايو) خرچ ڪندو آهي الله پاڪ ان کي فقير ڪري ڇڏيندو آهي.[1]
ماني جي هڪ ٽڪري جو احترام
مسلمانن جي امڙ سائڻ، امُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن