Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

کائڻ (9): گناھ ڪرڻ جي لاءِ کائڻ (10) سُٺو کائڻ پيئڻ ، اعلٰي پائڻ جو عادي بڻجي وڃڻ جو معمولي شيءِ کائي پي نه سگهي، هي به اسراف آهي، اهڙيءَ طرح (11) اعلٰي غذائن کي پنهنجي ڪمال جو نتيجو ڄاڻڻ به اسراف آهي. وڌيڪ فرمائن ٿا: الله پاڪ هر اسراف ڪرڻ واري کي ناپسند ڪندو آهي. اهڙا ماڻهو الله جي بارگاھ ۾ نامقبول آهن.[1]

مانيءَ ۾ اسراف جون صورتون

   امام يُوسف بن عبدُ الله حنفي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مانيءَ جو وچ وچ کائڻ ۽ ڪنارا ڇڏي ڏيڻ، مانيءَ جي ڦوڪيل حصي کي کائي وٺڻ باقي کي ڇڏي ڏيڻ ۽ هٿ مان ڪِريل گرھ کڻي ڪري نه کائڻ هي به اسراف ۾ داخل آهي.[2]

 ها جيڪڏهن ڪنارا ڪچا رهجي ويا هجن، ان جي کائڻ سان نقصان ٿيندو هجي ته ٽُوڙي سگهي ٿو، اهڙيءَ طرح هي به معلوم آهي ته مانيءَ جا ڪنارا ٻيا ماڻهو کائي وٺندا ضايع نه ٿيندا ته ٽُوڙڻ ۾ حرج ناهي.[3]

اسراف جو حڪم

   خيال رهي! هر اسراف حرام ناهي هوندو، ڪجھ اسرافَ مڪروھ به هوندا آهن، ڪجھ اسراف صرف ناپسند هوندا آهن. سيدي اعلٰي حضرت، امامِ اهلسنّت، شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: (اهو) اسراف (جيڪو) ناجائز ۽ گناھ آهي (اهو) صرف (انهن) 2 صورتن ۾ ٿيندو آهي، هڪ هيءَ ته ڪنهن گناھ ۾ صَرف (يعني خرچ) ۽ استعمال ڪيون، ٻي هيءَ فضول صرف مال ضايع ڪيون.[4]


 

 



[1] تفسیر نعیمی،پ8، سورۂ اعراف، زیرِ آیت :31، جلد:8 ،صفحہ:435ملتقطاً ۔

[2] تبیین المحارم، الباب الثامن والخمسون: فی الاسراف، ص338۔

[3] بہارِ شریعت،جلد:3 ،صفحہ:377،حصہ:16بتغیر قلیل۔

[4] فتاویٰ رضویہ، جلد:1،صفحہ:940 بتغیر قلیل ۔