Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

الله پاڪ ان کي شيطان جو ڀاءُ فرمايو آهي.

اِسراف ڇا کي چئبو آهي؟

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسراف جي معنٰي آهي: غيرِ حق ۾ خرچ ڪرڻ. يعني الله پاڪ جي ڏنل نعمت کي جتي خرچ ڪرڻ گهرجي، ان کان علاوه ڪنهن ٻيءَ جڳھ تي خرچ ڪري ڇڏڻ، جهڙوڪ: کائڻ پيئڻ جون شيون ضايع ڪري ڇڏڻ. ڪمري ۾ لائٽ ٻري رهي آهي جڏهن ته لائٽ استعمال ڪرڻ وارو اتي ڪير به ناهي.  ٽونٽيءَ مان پاڻي وهي رهيو آهي پر ان جي حاجت ناهي. پکو هلي رهيو آهي جڏهن ته هوا وٺڻ وارو ڪير به ناهي. ائين ئي اهي شيون جيڪي استعمال جي قابل آهن يا کائي سگهجن ٿيون جهڙوڪ آلو، صوف جون کَلون وغيره اهڙين شين کي هروڀرو اڇلائي ڇڏڻ، استعمال نه ڪرڻ وغيره هي سڀ اسراف جون صورتون آهن. اسراف کان بچڻ جي متعلق وڌيڪ معلومات جي لاءِ اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو بجلي استعمال ڪرڻ جا مدني گُلَ مطالعو فرمايو اسراف کان بچڻ جو ذهن بڻبو.

اِسراف جون مختلف وضاحتون

  مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اسراف جون کوڙ تفسيرون آهن مثال طور: (1): حلال شين کي حرام ڄاڻڻ، هي به اسراف آهي (2): حرام شين کي استعمال ڪرڻ، هي به اسراف آهي (3): ضرورت کان وڌيڪ کائڻ پيئڻ يا پائڻ، هي به اسراف آهي (4): جيڪو دل چوي اهو کائي پي وٺڻ، پائي وٺڻ (5): رات ڏينهن کائيندو پيئندو رهڻ جنهن سان معدو خراب ٿي وڃي، بيمار ٿي وڃي، هي به اسراف آهي. (6): نقصان ڪار شيون کائڻ پيئڻ، هي به اسراف آهي. (7): هر وقت کائڻ پيئڻ پائڻ جي خيال ۾ رهڻ ته هاڻي ڇا کائيندُس بعد ۾ ڇا پيئندُس وغيره ائين ئي (8): غفلت جي لاءِ