Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

ڇڏيو) ڪنهن انهن کي چيو: خُدا امير جو ڀلو ڪري (حضرت معقل بن يسار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اتي امير ۽ سردار جي حيثيت سان هئا) هي جاهل ڏيڍين اکين سان اشارو ڪن ٿا ته اوهان ڪريل گرھ کائي ڇڏيو حالانڪ اوهان سامهون هي کاڌو موجود آهي. فرمايائون: انهن عجمين جي ڪري هن کي مان نه ٿو ڇڏي سگهان جنهن جي باري ۾ مون حضورِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان ٻڌو آهي، اسان کي حڪم هو جڏهن گرھ ڪري پئي، ان کي صاف ڪري کاڌو وڃي، شيطان جي لاءِ نه ڇڏيو وڃي.[1]

 (2):  اولاد ڪَمي عقلي کان محفوظ

   پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو شخص دسترخوان تان کاڌي جا ڪريل ٽڪرا کڻي ڪري کائي اهو فراخي جي زندگي گذاريندو آهي ۽ ان جو اولاد ۽ اولاد جو اولاد ڪَم عقلي کان محفوظ رهندو آهي.[2]

(3):  تنگدستي کان نجات جو  ذريعو

اي عاشقانِ رسول! اسراف کان بچڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جو قدر ڪرڻ جو هڪ بهترين فائدو هي آهي ته ان جي برڪت سان تنگدستي کان نجات ملندي آهي ۽ فقر ۽ فاقو دور ٿي ويندو آهي، جيئن ته منقول آهي: زبردست محدث حضرت هُدبه بن خالد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي هڪ ڀيري بغداد جي خليفي مامونُ الرّشيد پاڻ وٽ دعوت تي گهرايو. کاڌو کائڻ کان بعد کاڌي جا جيڪي داڻا وغيره ڪري پيا هئا، محدث صاحب چونڊي چونڊي ڪري تناول فرمائڻ لڳا. مامونُ الرّشيد حيران ٿي ڪري چيو. اي شيخ! ڇا اڃان تائين توهان جو پيٽ ناهي ڀَريو؟ فرمايائون: ڇو نه! اصل ۾ ڳالھ هي آهي ته مونکي حضرت حمّاد بن سَلمه رَضِىَ اللهُ عَنْه 


 

 



[1] ابنِ  ماجہ ،کتاب الاطعمۃ ،باب اللقمۃ  اذا سقطت،صفحہ:534،حديث:3278۔

[2] کنز العمال ،کتاب المعیشۃ  و العادات ،الباب الاول ،جز:15 ،جلد:8 ،صفحہ:111 ،حدیث:40815۔