Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat
ربّ ڪريم جي نعمت جي ناقدري آهي. وڌيڪ فرمائن ٿا: ڇڏيل گرھ کي يا ته شيطان کائي ئي وٺندو يا ان جي ضايع ٿيڻ تي خوش ٿيندو شيطان جون ٻئي معنائون ٿي سگهن ٿيون. لهٰذا ڪجھ به نه ڇڏيو سڀئي استعمال ڪيو، جيڪڏهن في ماڻهو هڪ ماشو کاڌو به لڳل رهيو، جيڪو ڪجھ ٿانءُ ڌوئڻ وقت نالين ۾ ويو ته حساب لڳايو ته جنهن شهر ۾ اٺ ڏھ لک ماڻهو رهندا هجن ته ٻه ڀيرا ڪيترو کاڌو نالين ۾ ويندو آهي، هي فضول خرچ به آهي، مال ضايع ڪرڻ به، کاڌي جي بي ادبي به، ان ڪري ڪجھ به نه ڇڏيو ٿانو کي چڱي طرح صاف ڪيو کاڌي جو احترام ۽ ادب اهو ئي آهي.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو ڪيئي سالن کان معمول آهي ته کاڌو کائي ڪري چانھ، شربت وغيره پيئڻ کان بعد ٿانوَ ۾ پاڻي وجهي ڪري چڱي طرح لوڏي ڪري پيئندا آهن ته جيئن ڪو ذرو به ضايع نه ٿئي، 1423ھ ۾ سفرِ چل مدينه جي دوران پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ کي ڏٺو ويو ته گرم پاڻي جي ڪپ ۾ Tea Pack (ٽي پيڪ) وجهي ڪري چانھ جي پتي ملائي ۽ کير کنڊ وجهڻ کان پهريان Tea Pack (ٽي پيڪ) کي چڱي طرح نِپوڙي ڪري ڪڍيو (جڏهن ته عام طور ماڻهو بغير نِپوڙي اڇلائي ڇڏيندا آهن ۽ ڪجھ نپوڙيندا به آهن ته کنڊ کير ملائڻ کان بعد) پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جڏهن چانھ پي ڇڏي ته عرض ڪيو ويو: سائين! هن ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟ ارشاد فرمايائون: مون محسوس ڪيو آهي ته کير ۽ کنڊ وجهڻ کان بعد جيڪڏهن Tea Pack (ٽي پيڪ) نپوڙيو وڃي ته کير ۽ کنڊ جا ڪجھ جُزا Tea Pack (ٽي پيڪ) ۾ رهجي ويندا، ان ڪري مون احتياطاً پهريان