Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat
اڄڪلھ اسان وٽ گهڻي قدر اهو ئي حرام وارو اسراف پاتو وڃي ٿو، ڪيئي ماڻهو گناھن ڀَري ڪمن ۾ پنهنجو مال خرچ ڪري ڇڏيندا آهن، هي به اسراف جي حرام واري صورت آهي، اهڙيءَ طرح مال کي صرف اجايو ضايع ڪري ڇڏيندا آهن، جيئن بچيل ماني ڪچري جي ڍيرَ ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهن، گلاس ۾ بچيل پاڻي اڇلائي ڇڏيندا آهن، بجلي، پکا، اي سي وغيره بنا ضرورت جي هلي رهيا هوندا آهن، پرواھ ناهن ڪندا، ان سان ڇا ٿيندو آهي؟ مال ضايع ٿيندو آهي، ظاهر آهي ته اي سي بنا ضرورت هلي رهي آهي، ان جي ٿڌاڻ کان ڪو فائدو ئي نه وٺي رهيو آهي ته بِل ته ايندو، مال ته لڳندو ۽ اهو مال ڪيڏانهن ويو؟ ضايع ٿي ويو. لهٰذا هي به اسراف جي حرام واري صورت آهي.
قيامت جي ڏينهن هر نعمت جي باري ۾ سوال ٿيندو
هاءِ! ڪاش! الله پاڪ جي نعمتن جو قدر نصيب ٿي وڃي، دنيا ۾ الله پاڪ اسان کي ڪروڙين نعمتن سان نوازيو آهي ته انهيءَ ڪري ته اسان انهن مان فائدو وٺو، انهن جو قدر سڃاڻون ۽ الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيون. قيامت جي ڏينهن انهن نعمتن جي متعلق اسان کان پڇيو ويندو.
الله پاڪ فرمائي ٿو:
ثُمَّ لَتُسۡـَٔلُنَّ یَوۡمَئِذٍ عَنِ النَّعِیۡمِ (۸) (سيپارو: 30، سورة تڪاثر: 8)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ بيشڪ ضرور ان ڏينهن توهان کان نعمتن جي باري ۾ پڇيو ويندو.
مُفسرينِ ڪرام فرمائن ٿا: قيامت جي ڏينهن هر نعمت جي باري ۾ سوال ٿيندو، اها نعمت توڙي جسماني هجي يا روحاني، ضرورت جي هجي يا عيش ۽ راحت جي، ايستائين جو ٿڌي پاڻي، وڻ جي ڇانوَ ۽ راحت جي ننڊ جي متعلق به سوال ٿيندو.[1]