Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

هڪ حديث بيان فرمائي آهي جيڪو شخص دسترخوان تي ڪريل ٽڪرا ڳولي ڳولي کائيندو اهو تنگدستي کان بي خوف ٿي ويندو.

   (لهٰذا مان انهيءَ حديث پاڪ تي عمل ڪري رهيو آهيان. هي ٻڌي ڪري) مامون(تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽) پنهنجي هڪ خادم جي طرف اشارو ڪيو ته اهو هڪ هزار دينار (سون جا سڪا) رومال ۾ ٻڌي ڪري کڻي آيو. مامون اها رقم حضرت هُدبه بن خالد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ نذراني طور پيش ڪري ڇڏي. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: (اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!) حديث پاڪ تي عمل جي هٿون هٿ برڪت ظاهر ٿي وئي (يعني ويٺي ويٺي مونکي هڪ هزار دينار حاصل ٿيڻ ذڪر ڪيل حديث تي عمل جي ئي برڪت سان آهي).

(4): خبر ناهي کاڌي جي ڪهڙي حصي ۾ برڪت آهي

   حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مون پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو ته شيطان توهان جي هر ڪم جي وقت حاضر ٿي ويندو آهي ايستائين جو کاڌو کائڻ وقت به، لهٰذا جيڪڏهن گرھ ڪري پوي ۽ ان ۾ ڪجھ لڳي وڃي ته صاف ڪري کائي وٺي ان کي شيطان جي لاءِ نه ڇڏي ڏي ۽ جڏهن کاڌي کان فارغ ٿي وڃي ته آڱريون چَٽي ڇوته هي معلوم ناهي ته کاڌي جي ڪهڙي حصي ۾ برڪت آهي.[1]

   مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الاُمّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ذڪر ڪيل حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: جيڪڏهن ڪريل گرھ ۾ مٽي وغيره پاڪ شيءِ لڳي وئي آهي ته ان کي صاف ڪري گرھ کائي ۽ جيڪڏهن ناپاڪي لڳي وئي آهي ته ڌوئي ڪري کائي، جيڪڏهن ڌوپجي نه سگهي ته ڪتي ٻلي کي کارائي ڇڏيو ائين نه ڇڏي ڏيو جو ان ۾ مال ضايع  ٿيڻ جو انديشو آهي ۽


 

 



[1] مسلم ،کتاب الاشربۃ ،باب استحباب لعق الاصابع …الخ ،صفحہ:807 ،حدیث:2033۔