Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat
پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي تائين جيترو به اسراف ڪيو آهي براءِ مهرباني! ان کان توبھ ڪري وٺو! ٻيهر کاڌي جي هڪ به داڻي ۽ رس جي هڪ به ڦڙي جو اسراف نه ٿئي ان جو عهد ڪري وٺو! الله پاڪ جو قسم! قيامت جي ڏينهن ذري ذري جو حساب ٿيڻو آهي، يقيناً ڪو به قيامت جي حساب جي سهپ نه ٿو رکي، سچي توبھ ڪري وٺو! درودِ پاڪ پڙهي ڪري عرض ڪيو! اي الله پاڪ! اڄ تائين مون جيترو به اسراف ڪيو ان کان ۽ تمام صغيره ۽ ڪبيره گناھن کان توبھ ڪريان ٿو ۽ تنهنجي عطا ڪيل توفيق سان آينده گناھن کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندُس اي ربِّ مصطفٰي! منهنجي توبھ قبول فرماءِ ۽ مون کي بي حساب بخش فرماءِ.[1]
صدقہ پیارے کی حیا کا کہ نہ لے مجھ سے حساب بخش بے پوچھے لجائے کو لجانا کیا ہے[2]
اسراف کان بچڻ جي لاءِ علمِ دين سکڻ نهايت ضروري آهي، لهٰذا ان باري ۾ ضروري علمِ دين سکي وٺو! ان جي لاءِ اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مشهور ۽ معروف ڪتاب فيضانِ سنّت مان آدابِ طعام پڙهي وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ علمِ دين به سکڻ جي لاءِ ملندو، ڪيئي سنّتن جي معلومات ملندي ۽ اسراف کان بچڻ جو ذهن بڻبو اسراف کان بچڻ جي لاءِ حساس ٿيڻ نهايت ضروري آهي: الله پاڪ جي ڏنل نعمتن جو قدر دل ۾ وڌايو، دل ۾ احساس پيدا ڪيو، اسراف کي گناھ سمجهندي سنجيدگي سان ان کان بچڻ جو ذهن بڻائي وٺندا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪافي حد تائين اسراف کان بچاءُ جي صورت بڻجي ويندي ڪيئي ماڻهو فيشن