Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat
ٿيون: هڪ ڀيري پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حويلي پاڪ ۾ تشريف وٺي آيا ته (زمين تي) ماني جو ٽڪرو پيل ڏٺائون، جيئن ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي کنيو، صاف ڪيائون ۽ تناول فرمائي ڪري ارشاد فرمايو: اي عائشه! سُٺي شيءِ جو احترام ڪيو جو هي شيءِ (يعني ماني) جڏهن ڪنهن قوم وٽان وئي آهي ته موٽي ناهي آئي.[1]
شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: اڄڪلھ هر هڪ بي برڪتي ۽ تنگدستي جي شڪايت ڪري رهيو آهي. ڪهڙي خبر ته ماني جو احترام نه ڪرڻ جي هي سزا هجي. اڄ شايد ئي ڪو مسلمان اهڙو هجي، جيڪو ماني ضايع نه ڪندو هجي. هر پاسي ماني جي بي حرمتي جا دل ڏکوئيندڙ منظرَ آهن، شادي جون تقريبون هجن يا بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم جي خيرات جا تبرڪات. افسوس صد ڪروڙ افسوس! دسترخوانن ۽ نُکن تي بيدردي سان کاڌو ڪيرايو ويندو آهي کاڌي جي دوران هڏين سان گڏ ٻوٽي ۽ مصالحو صحيح طريقي سان صاف ناهي ڪيو ويندو. گرم مصالحي سان گڏ به کاڌي جا کوڙ ذرات ضايع ڪيا ويندا آهن. ٿالن ۾ بچيل ٿورو کاڌو ۽ پيالن، ديڳڙن ۾ بچيل ڀاڄيءَ جي رَسُ ٻيهر استعمال ڪرڻ اڪثر ماڻهن جو ذهن ناهي، اهڙيءَ طرح کوڙ بچيل کاڌو عام طور گند ڪچري جي ڍير جي حوالي ڪيو وينديو آهي.[2]
اهڙيءَ طرح دعوتن ۽ شادي جي تقريبن وغيره ۾ ڏسي وٺو: اڪثر ماڻهو ٽيبل تي سجايل هڪ کان وڌيڪ شيون پنهنجي پليٽ ۾ وجهي ڇڏيندا آهن پر سڀئي شيون کائي ناهن سگهندا. ڪيئي شيون پليٽ ۾ رکيون وينديون آهن. بلڪه هاڻي ته پليٽ صاف ڪري کائڻ تهذيب جي خلاف سمجهيو ويندو آهي ان