Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

گناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی!                                                                                                                          بری عادتیں بھی چُھڑا یاالٰہی!

خطاؤں کو میری مٹا یاالٰہی!                                                                                                                               مجھے نیک خصلت بنا یاالٰہی!

مُطیع اپنا مجھ کو بنا یاالٰہی!                                                                                                                                           سَدا سُنَّتوں پر چلا یاالٰہی!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

   اي عاشقانِ رسول! ڳالھ واقعي سوچڻ جي آهي، قيامت جي ڏينهن هر هر نعمت جي متعلق پڇيو ويندو، هاءِ! اڄ شايد اسان مان ڪو به اهڙو نه هجي جيڪو گرم تئي تي بيهي ڪري هڪ ڏينهن نه بلڪه صرف هڪ ڪلاڪ بلڪه صرف هڪ وقت جي کاڌي جو ئي حساب ڏئي سگهي ته ٿورو غور فرمايو! اڄ دنيا ۾ جيڪڏهن اسراف ڪيو، الله پاڪ جي ڏنل نعمتن کي ضايع ڪندا رهياسين. وضو ڪرڻ لاءِ ويٺاسين ته ٽونٽي کليل ڇڏي پاڻي ضايع ڪري ڇڏيو. مسلمان ڀاءُ جي اوبر واري پاڻيءَ کي بنا وجھ اڇلائي ڇڏيو. مانيءَ جا ذرا ڪِرندا آهن، ڪرڻ ئي ڏنا. ضرورت کان وڌيڪ کاڌو ٺاهي ڪري بعد ۾ گند ڪچري جي حوالي ڪري ڇڏيو. بجلي، پکا وغيره فضول هلندا رهيا، انهن جو فڪر نه ڪيوسين. پنهنجو قيمتي مال گناھن ۽ فضوليات ۾ بي ڌڙڪ اڏرائيندا رهياسين، هاءِ! اسراف جي ان بُري عادت تي قيامت جي ڏينهن پَڪڙ ٿي وئي، اسان کان انهن نعمتن جي باري ۾ سوال ڪيو ويو ته ڇا ڪنداسين؟ ڪيڏانهن وينداسين؟

   هاءِ! اهو 50 هزار سال جو ڏينهن، ٽامي جي ٽهڪندڙ زمين، باھ وسائيندڙ سج، هاءِ! افسوس! ايتري گرمي پير سڙي رهيا هوندا، جگر وات تائين اچي رهيو هوندو، دماغ اٻري رهيو هوندو، ماڻهو پنهنجي ئي پگهر ۾ غوطا کائي رهيا هوندا، اهڙي هولناڪ حالت ۾ جيڪڏهن اسان کي بيهاريو ويو ۽ اسراف