Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
هڪ ڀيري صحابيءِ رسول حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْه (روزي سان هئا،) پاڻ زمين تي مانيءَ جو ٽڪرو پيل ڏٺائون ته غلام کي فرمايائون: هن کي کڻو ۽ صاف ڪيو! (غلام مانيءَ جو ٽڪرو کنيو، صاف ڪيو ۽ کائي ڇڏيائون) شام جو جڏهن افطار جو وقت ٿيو ته حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْه غلام کي فرمايو:! اهو ڪريل مانيءَ جو ٽڪرو کڻي اچو! غلام عرض ڪيو: سائين! اهو ته مون کائي ڇڏيو. بَس اوترو ٻڌڻ جي دير هئي پاڻ فرمايائون: وڃ! هاڻي کان تون آزاد آهين.
(پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ان کي نوازش جو سبب بيان ڪندي فرمايو:) مون تاجدارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو ته جيڪو ماني جو ڪِريل