Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

پرستي، ڏيکاءُ ۽ آڪڙ جي وجھ سان به اسراف جي گناھ ۾ مبتلا ٿيندا آهن، اهڙن کي گهرجي ته قبر ۽ آخرت جو خيال ڪن، دنيا مان وڃڻ، الله ڪريم کي منهن ڏيکارڻ، هي ڳالھ هميشه ياد رکو.

الله پاڪ اسان سڀني کي اسراف ۽ ٻين ننڍن وڏن گناھن کان بچي ڪري نيڪين واري زندگي گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار  اجتماع

   اي عاشقانِ رسول! نيڪ نمازي بڻجڻ، پنهنجي زندگي کي بامقصد بڻائڻ، خوفِ خدا جي نعمت ماڻڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ ايمان جي حفاظت جي لاءِ ڪڙهڻ جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته (Linkup) ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي چڙهي ڪري حصّو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار اجتماع پڻ آهي. اچو! هفتيوار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت (Participation) ڪرڻ جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

گناهن ڀري زندگيءَ ۾ مدني انقلاب

 ڪراچي (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: دعوت اسلامي جي ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان گناهن ڀري زندگي گذاري رهيو هئس، دنياوي لذّتن ۾ مصروف رهڻ منهنجي عادت هئي، بُرن دوستن جي صحبت