Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat
ٽڪرو کڻي ڪري کائيندو آهي اهو ٽڪرو ان جي پيٽ ۾ پهچڻ کان پهريان ئي الله پاڪ ان جي مغفرت فرمائي ڇڏيندو آهي. هاڻي جيڪو مغفرت جو حقدار ٿي ويو مان ان کي غلام ڪيئن بڻائي رکان؟[1]
اللہ کی رحمت سے سُنّت میں شرافت ہے سرکار کی سُنّت میں ہم سب کی حفاظت ہے
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! رمضانُ المبارڪ جو مهينو جاري آهي. هي عبادت ۽ رياضت جو مهينو به آهي. ذڪر ۽ تلاوت جو مهينو به آهي. هڪ اهم ڳالھ ته ماھِ رمضان ماھِ قناعت به آهي. عام ڏينهن ۾ عام طور ماڻهو 3 وقت کائيندا آهن پر رمضانُ المبارڪ ۾ 2 وقت کاڌو ويندو آهي .عام ڏينهن ۾ ڏينهن جي وقت به چانھ، بسڪيٽ وغيره ڪجھ نه ڪجھ کائڻ پيئڻ جو سلسلو هلندو رهندو آهي پر رمضانُ المبارڪ ۾ ان خرچن کان ڪافي حد تائين بچت ٿي ويندي آهي. مطلب ته: جيڪڏهن اسان رمضانُ المبارڪ جا فضائل ۽ فائدا ڏسون ته هي مهينو ماھِ قناعت به آهي پر افسوس! هاڻي حالات ابتڙ آهن، اڄڪلھ عام ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هن مهيني ۾ قناعت جي بدران اجايو خرچ وڌي ويندو آهي، اسراف ۾ ڪافي واڌارو ٿي ويندو آهي، کاڌو، ميوا، پاڻي، شربت وغيره ڪثرت سان ضايع ٿيندا آهن ۽ انهن کي مَعَاذَ اللہ! ڪچري جي ڍير جي حوالي ڪيو ويندو آهي.
ياد رکو! اِسراف (يعني شيون ضايع ڪرڻ، اجايو خرچ ڪرڻ) گناھ ۽ حرام ۽ جهنّم