Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat
(Company) مونکي اڃان بگاڙي ڇڏيو هو، دوستن سان ملي ڪري سڄي رات گناهن جو سلسلو جاري رهندو هو، هڪ ڀيري هڪ اسلامي ڀاءَ مونکي مغرب جي وقت نماز جي دعوت ڏني، خبر ناهي ان جي دعوت ۾ ڪهڙو اثر هو جو مان به ان سان مسجد ۾ هليو آيس ، مغرب جي نماز پڙهي، نماز کان پوءِ هڪ اسلامي ڀاء فيضان سنّت مان درس ڏنو، درس کان فوراً بعد اسلامي ڀائرن هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ وڃڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون. هڪ اسلامي ڀاء مونکي به اجتماع ۾ شرڪت جي ترغيب ڏياري، انهن جو انداز اهڙو ته پيارو هو جو مان فوراً هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ تيار ٿي ويس، پوءِ جلد ئي اسلامي ڀائرن سان ملي ڪري عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه جي فضائن ۾ پهچي ويس، اتي سنّتن ڀريو بيان ٻڌو، ذِڪرُ الله ۾ مصروف رهيس، پوءِ رقَّت انگيز (Tearful) دعا ٿي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوت اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۽ عاشقان رسول جي صحبت جو مون تي اهڙو اثر ٿيو جو مون دعا جي دوران روئي روئي ڪري پنهنجن گناهن کان توبھ ڪئي ۽ آينده زندگي نيڪين ۾ گذارڻ جي پڪي نيّت ڪئي، مون تي هڪ عجيب خمار هو اجتماع کان واپسي جي بعد مون نمازن جي پابندي شروع ڪري ڇڏي ۽ نيڪين ڀري زندگي گذارڻ ۾ مصروف ٿي ويس
اسی ماحول نے ادنیٰ کواعلیٰ کر دیا دیکھو! اندھیرا ہی اندھیرا تھا اُجالا کردیا دیکھو!
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
دارُالافتاء اهلِ سنّت ايپليڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلۡحَمۡدُلله! دعوتِ اسلامي علمِ دين جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي، دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ جي طرف کان هڪ