Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

بهترين خوراڪ کي ڪچري جي حوالي ڪري رهيون آهن.

اسراف کان بچڻ جا ديني ۽ دنياوي فائدا

   پيارا اسلامي ڀائرو! کاڌي پيتي بجلي وغيره هر قابِل استعمال شيءِ جو قدر ڪيو! جيڪڏهن اسان اسراف کان بچڻ جي عادت بڻائي وٺون ته  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! آخرت به بهتر ٿيندي ۽ دنيا ۾ به ان جون برڪتون ظاهر ٿينديون. اچو! کاڌي کي اسراف (يعني ضايع ٿيڻ) کان بچائڻ جي فضائل تي ڪجھ حديثون ٻڌون ٿا:

(1):  مغفرت جي بشارت

  حضرت عبدُالله بن اُمِّ حرار رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ مغفرت نشان آهي: ماني جو احترام ڪيو جو هي آسمان ۽ زمين جي برڪتن مان آهي. جيڪو شخص دسترخوان تان ڪِريل ماني کي کائي وٺي ان جي مغفرت ٿي ويندي.[1]

ماڻهن کان شرمائي ڪري نيڪيون نه ڇڏيو

   اي عاشقانِ رسول! اسان اڪثر ڪري ٿانون ۾ کاڌو ڇڏي ڏيندا آهيون جيڪو رزق ضايع ٿيڻ جو سبب بڻجندو آهي، اهڙيءَ طرح جيڪڏهن گرھ هيٺ ڪري پئي ته مَعاذَالله! ان کي کڻي ڪري کائڻ ۾ ماڻهن کان شرم محسوس ڪندا آهيون، پر افسوس صد ڪروڙ افسوس گناھ ڪندي ناهيون شرمائيندا. اسان جا بزرگانِ دين نيڪي جي معاملي ۾ ڪنهن جي شرم ۽ حيا جي پرواھ نه ڪندا هئا، جيئن حضرت حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان مروي آهي ته هڪ ڀيري حضرت مَعۡقل بن يسار رَضِىَ اللهُ عَنْه کاڌو کائي رهيا هئا ته سندن هٿ مان گرھ ڪري پيو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ان کي کڻي صاف ڪري کائي ڇڏيائون. هي ڏسي ڪري جاهلن اکين سان اشارو ڪيو (ته هي ڪيتري حقير ۽ ذليل ڳالھ آهي جو ڪريل گرھ کي انهن کائي


 

 



[1] جامع صغیر،صفحہ:88 ،حدیث:1426۔