Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat

لهٰذا بيوس ٿي ڪري رهجي ويو. ڪجھ دير کان بعد کاڌو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ماڻهن طرح طرح جا مزيدار کاڌا کائڻ شروع ڪيا پر الله پاڪ جي ولي پنهنجي جهولي مان هٿ وجهي ڪري سُڪل ماني جو هڪ ٽڪرو ڪڍيو ۽ تناول فرمائڻ لڳا. ميزبان ان مقام تي به ڪجھ نه ڪري سگهيو.

   جڏهن کاڌي جو سلسلو ختم ٿيو ته پاڻ ميزبان کي فرمايائون: ٻرندڙ چُلهو کڻي اچو ۽ ان تي هڪ تئو رکو. سندن حڪم جي تعميل ڪئي وئي. جڏهن اهو تئو باھ جي گرمائش سان ڳاڙهو ٿي ويو ته پاڻ ان تي پيرين اگهاڙي بيهي رهيا ۽ پنهنجو محاسبو ڪندي فرمايائون: مون اڄ هڪ سُڪل ماني کاڌي آهي ۽ تئي تان هيٺ لٿا. پوءِ حاضرين کي فرمايائون: (ٽئين شرط جي مطابق) هاڻي توهان به هڪ هڪ ڪري ان تئي ته بيهي ڪري پنهنجي کاڌي جو حساب ڏيو. هي ٻڌي ڪري ماڻهن جون رڙيون نڪري ويون ۽ سڀئي هڪ زبان ٿي ڪري چوڻ لڳا: سائين! توهان الله پاڪ جا ولي آهيو ۽ هن گرم تئي تي بيهڻ توهان جي ڪرامت آهي، اسان گنھگارن ۾ ايتري طاقت ڪٿي جو هن تئي تي بيهي سگهون؟

   پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه محاسبي جي دعوت ڏيندي فرمايو: اي انسانو! اهو وقت ياد ڪيو جڏهن سج جيڪو اڄ ڪروڙين ميل پري آهي، صرف سوا ميل تي هوندو. اڄ ان جي پُٺ اسان ڏانهن آهي، ان ڏينهن ان جو اڳيو حصو اسان جي طرف هوندو. زمين ٽامي جي هوندي.  ان ٽهڪندڙ زمين جو تصور ڪيو ۽ هن تئي کي ڏسو جو هي دنيا جي باھ سان گرم ٿيو آهي، هن جي تپش ته ڪوئلي جيان ٽهڪندڙ ٽامي جي زمين جي مقابلي ۾ ڪجھ به ناهي. پوءِ هيءَ آيت مبارڪ تلاوت ڪيائون:

ثُمَّ لَتُسۡـَٔلُنَّ یَوۡمَئِذٍ عَنِ النَّعِیۡمِ (۸(سيپارو: 30، سورة تڪاثر: 8)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ بيشڪ ضرور ان ڏينهن توهان کان نعمتن جي باري ۾ پڇيو ويندو.

هي ٻڌي ڪري ماڻهو رڙيون ڪري روئڻ لڳا.