Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

گُنَاھ ڪرڻ کان به سخت آهي۔ تنهنجو ڪراماً ڪاتبين يعني عمل لکڻ وارن ملائڪن کان حياء نه ڪرڻ ۽ گُنَاھ تي قائِم رهڻ تمام وڏو گُنَاھ آهي۔ تنهنجو گُنَاھ ڪرڻ تي خوش ٿيڻ، ٽهڪ لڳائڻ ان کان به وڏو گُنَاھ آهي، گُنَاھ ڪندي تيز هوا جي جهوٽي سان دروازي جو پردو کڄي وڃي ته ڊڄي ويندو آهين پر الله پاڪ توکي ڏسي رهيو آهي، هن ڳالھ کان به نٿو ڊڄين۔ هائو! توکي خبر نه آهي ته الله پاڪ تون سان ڪهڙو سلوڪ فرمائڻ وارو آهي؟([1])

گُنَاھ ڄڻ درندا آهن

امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: نُورِ بصيرت سان پنهنجي باطِن کي ڏسو! توهان جو باطِن طرح طرح جي درندن جي گھيري ۾ آهي۔ غُصّو، شهوت، ڪينو، حسد، تڪبر، خود پسندي، رياڪاري، هي سڀئي درندا آهن، اڄ توهان کي هنن درندن جي چڪ هڻڻ جي تڪليف محسوس ناهي ٿيندي پر مرڻ کان بعد قبر ۾ پردو کڄي ويندو، توهان انهن درندن کي ڏسي وٺندؤ۔ هائو! توهان پنهنجي اکين سان ڏسي وٺندؤ ته گُنَاهن وڇوئن ۽ نانگن جي شڪلن ۾ توهان کي گھيري ورتو آهي، يقين مڃو! هي بُريون خصلتون، گنديون عادتون در حقيقت خوفناڪ درندا ئي آهن، جيڪي هن وقت توهان سان موجود آهن پر انهن جون ڀيانڪ شڪلون توهان کي قبر ئي ۾ نظر اينديون، سٺو اهوئي آهي جو موت کان پهريان پهريان انهن درندن کي ماري ڇڏيو! گُنَاھ ڇڏي ڏيو! ([2])

گُنَاھ 10 بُرائيون آڻي ٿو

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  گُنَاھ ۽ نافرماني سخت هلاڪ ڪندڙ آهي، مسلمانن جي ٻئين خليفي، اَمِيرُالمُؤمنين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: گُنَاھ توڙي جو هڪ ئي هجي، پاڻ سان 10 بُرائيون آڻي ٿو: (1): گُنَاھ


 

 



[1]...جہنّم میں لے جانے والے اعمال، جلد:1، صفحہ:61تقدیم و تاخیر۔

[2]...احیاءُالعلوم مترجم، جلد:4، صفحہ:559۔