Book Name:Nafarmani Ka Anjam
* پنهنجي اصلاح جي لاءِ بيان ٻڌنديس * جيڪو ٻُڌنديس ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪنديس۔ اِن شاءَ اللہ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
نافرمان ماڻهو ڀولڙا بڻجي ويا
بني اسرائيل جا ڪجھ ماڻهو سمنڊ جي ڪناري اَيله نالي ڳوٺ ۾ رهندا هئا، هي سڀئي موهاڻا(مڇي جو شڪار ڪندڙ) هئا، سمنڊ مان مڇيون پڪڙي وڪڻندا ها ۽ هيئن پنهنجي روزيءَ جو اهتمام ڪندا ها، وڏي خوشحال زِندگي گذري رهي هئي، پوءِ قُدرت کي سندن امتحان منظور ٿيو، ان ڪري انهن لاءِ ڇنڇر جي ڏينهن مڇي جو شڪار حرام قرار ڏنو ويو۔ (الله پاڪ مالِڪ آهي، هو پنهنجي ٻانهن کي جيڪو چاهي اهو حڪم ڏئي سگھي ٿو، قرآنِ مجيد ۾ آهي:
لَا یُسْــٴَـلُ عَمَّا یَفْعَلُ وَ هُمْ یُسْــٴَـلُوْنَ(۲۳) (پاره:17،سورۂ اَنْبِيا:23)
ترجمو ڪنزالعرفان: الله کان ان ڪم جي باري ۾ سوال نه ڪيو ويندو جيڪو هو ڪري ٿو ۽ ماڻهن کان سوال ڪيو ويندو.
الله پاڪ بني اسرائيل تي ڇنڇر جي ڏينهن مڇي جو شِڪار ڇو حرام فرمايو ويو؟ هي ان جي حڪمت آهي، هو جيڪو چاهي ڪري، اسان ٻانهيون، آهيون، اسان کي صرف اکيون بَند ڪري پنهنجي مالِڪ و موليٰ جو حڪم مڃڻو آهي.
خير! الله پاڪ بني اسرائيل جي لاءِ ڇنڇر جي ڏينهن مڇي جو شِڪار حرام ڪيو۔ هاڻي انهن کي آزمائش هي ٿي جو ڇنڇر جي ڏينهن سمنڊ ۾ مڇيون تمام گھڻيون اينديون هيون، ايتريون مڇيون ڏسي انهن جي دِلين ۾ لالچ ٿي، دل چاهيندي هئي ته مڇيون پڪڙيون، وڪڻون ۽ خوب نفعو ڪمايون پر ڇنڇر جي ڏينهن مڇيون پڪڙڻ حرام هو، لهٰذا دِل جي حسرت دِل ئي ۾ رهجي ويندي هئي، ڪجھ عرصو ته انهن صبر ڪيو ۽ الله پاڪ جي حڪم تي