Book Name:Nafarmani Ka Anjam
ملي ٿي جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذري ويندا آهن، اِحسَاس تائين ناهي ٿيندو * ها! نمازن ۾ اسان جي دِل ناهي لڳندي * فُضُول ڪمن ۾ مَصرُوف هجون ته وقت جو فِڪر ئي ناهي هوندو * تلاوت ڪرڻ ويهي رهون ته هيڏانهن هوڏانهن جا ڪم ياد اچڻ لڳن ٿا * رمضان المبارڪ اچي ته ڪڏهن گرمي جو بهانو، ڪڏهن ڪم ڪار جو فِڪر، روزا رکڻ لاءِ دِل مائِل ئي ناهي ٿيندي * ۽ ڪنهن جي موت کان عِبْرت وٺڻ جي حالت ته اهڙي آهي جو بعض دفعه ماڻهو ميت واري گهر ۾ به ٽهڪ لڳائي رهيا هوندا آهن۔ افسوس! اسان جي دِل جي هي نازُڪ حالت، غفلت جا پردا، دِل جي ڪاراڻ...!
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي فِڪر ڪرڻ گھرجي ته ڪٿي هيئن ته نه آهي جو گُنَاهن جي نحوست اسان کي جڪڙي چڪي آهي، اسان جون دِليون ڦيرائيون ويون آهن ۽ اسان کي هن جو اِحسَاس تائين نه آهي۔
مسلسل نافرمانين جو عبرتناڪ انجام
حضرت منصور بن عمّار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: منهنجو هڪ ديني ڀاءُ هو، مون کان گھڻي عقيدت رکندو هو، منهنجي نگاه ۾ وڏو عبادت گذار، تهجد پڙھندڙ، خوفِ خُدا سان روئڻ وارو هو۔ هڪ ڀيري مون کي خبر ملي ته منهنجو اهو ئي ديني ڀاءُ بيمار آهي ۽ گھڻو ڪمزور ٿي چڪو آهي، مان عيادت جي لاءِ ان جي گھر پهتس، مون ڏٺو ته هو گھر جي وچ ۾ ليٽيل آهي، ان جو چهرو ڪارو ۽ اکيون نيريون ٿي چڪيون آهن۔ مون ان کي چيو: اي منهنجا ڀاءُ! لَا اِلٰهٰ اِلَّا اللهُ جي ڪثرت ڪريو! ان پنهنجون اکيون کوليون، وڏي مشڪل سان مون ڏانهن نهاريو، پوءِ بيهوش ٿي ويو، مون ٻيهر ان کي تلقين ڪئي، هن ڀيري به ان اکيون کوليون، مون ڏانهن ڏسي وري اکيون بند ڪري ورتيون، هاڻي مون ٿورو سختي سان چيو: جيڪڏهن تو ڪلمو نه پڙھيو ته مان توکي نه غسل ڏيندس، نه ڪفن پارائيندس، نه ئي تنهنجو جنازو پڙھندس۔
هي ٻڌي ان چيائين: اي منصور! ان ڪلمي ۽ منهنجي وچ ۾ آڙ بڻائي وئي